ڊپٽي ڪمشنر شڪارپور پاران مختلف علائقن ۾ ھيلٿ سينٽرن جا دورا

ڊپٽي ڪمشنر شڪارپور پاران مختلف علائقن ۾ ھيلٿ سينٽرن جا دورا

ڊپٽي ڪمشنر شڪارپور پاران مختلف علائقن ۾ ھيلٿ سينٽرن جا دورا

شڪارپور (احسان ابڙو ) ڊپٽي ڪمشنر شڪارپور جا رورل هيلٿ سينٽر چڪ، يوسي سيوهاڻي، رورل هيلٿ سينٽر رحيم آباد ۽ ٻين مختلف علائقن جا دورا.تفصيل موجب ڊپٽي ڪمشنر الطاف احمد چاچڙ جا شڪارپور جي رورل هيلٿ سينٽر چڪ، يوسي سيوهاڻي، رورل هيلٿ سينٽر رحيم آباد ۽ ٻين مختلف علائقن جا دورا ڪيا. ان موقعي تي ڊسٽرڪٽ هيلٿ آفيسر ڊاڪٽر وسيم الدين شيخ، ڊاڪٽر عزيز مرتضيٰ، ڊاڪٽر امتياز حسين ميتلو، مظهر حسين ڄامڙو ۽ ٻيا هيلٿ ڊپارٽمينٽ جا آفيسر گڏ هئا. ڊپٽي ڪمشنر الطاف احمد چاچڙ رورل هيلٿ سينٽر چڪ جي دوري دوران اتان جي ٻارڙن کي پنهنجي هٿن سان ويڪسين جا ڦڙا پياريا ۽ هٿ جي آڱرين تي نشان پڻ لڳايا ۽ اتي 12 خطرناڪ بيمارين جي بچاءُ جي ويڪسين پيتل ٻارڙن جي هٿن جا نشان پڻ چيڪ ڪيا. اُتي جي انچارج کي هدايت ڪندي چيو ته هتان جي آس پاس ڪوبه ٻار ويڪسين کان نه رهجي، يوسي سيوهاڻيءَ ۾ ڊپٽي ڪمشنر ۽ ڊاڪٽرن جي ٽيم گهر گهر وڃي ٻارڙن جي هٿن جا نشان چيڪ ڪيا. يوسي ايم او امام الدين ڊپٽي ڪمشنر سميت ڊاڪٽرن جي ٽيم کي پڻ دورو ڪرايو. رورل سينٽر رحيم آباد ۽ اتان جي ٻين علائقن ۾ يوسي ايم او لعل بخش ڊپٽي ڪمشنر شڪارپور الطاف احمد چاچڙ ۽ ڊاڪٽرن جي ٽيم کي ٽيم نمبر 1 ۾ ليڊي هيلٿ ورڪر صنم مهر ۽ سوشل ورڪر ان علائقي جو دورو ڪرايو ۽ مختلف گهرن مان ٻارڙن کي سڏي انهن جي هٿن تي مارڪنگ جا پڻ نشان چيڪ ڪرايا. ان موقعي تي پبلڪ پوائنٽ تي هڪ ويڪسين پيارڻ لاءِ ويٺل هڪ ملازم کي ڊپٽي ڪمشنر چيو ته هن پوائنٽ تي هڪ بينر لڳڻ گهرجي، هن چيو ته هي هڪ پبلڪ پوائنٽ آهي جتان هر ماڻهو کي خبر پوندي هتي هڪ وڏو بينر لڳائڻ ضروري آهي. ڳوٺ اوڍاڻي سومرا ۾ سوشل ورڪر واجد علي ويڪسين جا ڦڙا پياري رهيو هو ۽ اتان جي ٻارن جي سٺي نموني مارڪنگ ڪندي ڊپٽي ڪمشنر شڪارپور پڻ شاباس ڏني. ان موقعي تي ڊاڪٽر امتياز احمد ميتلو پڻ ٽيم جا فارم پڻ چيڪ ڪيا ۽ ٻڌايو ته جيڪي ٻار رهيل هجن انهن کي به ڪور ڪيو وڃي ته جيئن ڪوبه ٻار ويڪسين کان نه رهجي. هن چيو ته هتي ٽيم نمبر 2 ۾ ميرپور ٻرڙو کان آيل ٻارن کي به ويڪسين جا ڦڙا پيارا آهن. ان موقعي تي ڊسٽرڪٽ هيلٿ آفيسر ڊاڪٽر وسيم الدين شيخ ۽ ٻين ڊاڪٽرن چيو ته اسان گهر گهر وڃي ٻارڙن جي هٿن تي نشان ۽ انهن جي گهر وارن کان پڇا ڳاڇا ڪئي. ان موقعي تي هنن چيو ته ٽيمون صحيح ڪم ڪن ٿيون. انشاءَ هن دفعي 12 خطرناڪ بيمارين تي وڏو ڪنٽرول ٿي ويندو.