English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
سنڌي گرلس اسٽوڊنٽس تحريڪ (قيو اي ٽي) حيدرآباد ضلعي جو اجلاس مرڪزي آفيس ۾ ٿي گذريو
4 views
|
29th Apr 2024
•
سنڌي خبرون
سنڌي گرلس اسٽوڊنٽس تحريڪ (قيو اي ٽي) حيدرآباد ضلعي جو اجلاس مرڪزي آفيس ۾ ٿي گذريو
حيدرآباد(بيورو) سنڌي گرلس اسٽوڊنٽس تحريڪ (ڪيو اي ٽي) حيدرآباد ضلعي جو اجلاس ڪيو اي ٽي جي مرڪزي آفيس سيڪريٽريٽ قاسم آباد ۾ ٿيو. اجلاس ۾ ايس جي ايس ٽي جي مرڪزي صدر رفيعہ پليجو، روشنہ پٺاڻ، صبا سمون ۽ حميرا خاصخيلي خصوصي طور شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو حيدرآباد ضلعي جي تعليمي ادارن جو دورو ڪري ايس جي ايس ٽي جا نوان يونٽ کوليا ويندا، ھر مھيني اسٽڊي سرڪل ھلايو ويندو. اجلاس کي خطاب ڪندي سنڌي گرلس اسٽوڊنٽس تحريڪ جي مرڪزي صدر رفيعہ پليجو چيو تہ سنڌ ۾ تعليمي ادارن جي حالت رحم جوڳي آهي شھرن جي اسڪولن جي بيٽ ۾ ٻھراڙي جي تعليم پٺتي پيل آهي، سنڌ جو ھر نوجوان تعليم يافته ھجي ۽ سنڌ ۾ علم جي روشني ھجي. سنڌ جي ترقي بي پناھ محنت ۽ تعليم سان ئي ممڪن آهي. رفيعہ پليجو چيو تہ نياڻين جي تعليم سان ئي سنڌ ترقي ڪري سگھي ٿي، پيپلز پارٽي جي گذريل 15 سالا ڪاري دور ۾ سنڌ جي تعليمي ادارن ۾ ريڪارڊ ڪرپشن ڪئي وئي، سنڌ جي تعليمي ادارن کي ڪرپشن گاھ بڻايو ويو. لکين ٻار جبري پورهيو ڪن ٿا، 6 ملين ٻار اسڪول کان ٻاهر تعليم جهڙي زيور کان محروم آهن. پرائمري تعليم کي هٿ وٺي تباھ ڪئي وئي آهي، سنڌ ۾ سائنسي ۽ ٽيڪنالاجي تعليم جو رواج ئي ناهي، ميرٽ جي لتاڙ، تعليم دشمن پاليسين، ڪميشن جي امتحانن ۾ ڪرپشن، نوڪريون جو وڪرو ڪيون وڃن ٿيون. سنڌي گرلس اسٽوڊنٽس تحريڪ جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري روشنہ پٺاڻ خطاب ڪندي چيو تہ اسان جو نصاب جديد ۽ سائنسي هجڻ گهرجي. سعودي عرب ۽ نار جي تبديلين مان اسان کي سکڻ گهرجي. سنڌ جو عوام هاڻي ڪرپشن ۽ خراب حڪمرانيءَ خلاف اٿي کڙو ٿئي. سنڌ پندرهن سالن کان سخت محرومي جو شڪار آهي. قبائلي جھيڙن ۽ لاقانونيت ۾ اھل اقتدار ملوث آهن. ملڪ گورننس ۽ عوامي سهولتن جو بحران آهي. شاگردن کي سپر نيچرل ڳالھين مان ڪڍي حقيقي سائنسي دنيا مان آڻڻو پوندو. سنڌ ۾ لاقانونيت، مهانگائي ۽ تعليمي تباهي تي سخت ڳڻتي آهي. سنڌي گرلس اسٽوڊنٽس تحريڪ جي مرڪزي سينيئر نائب صدر صبا سمون خطاب ڪندي چيو تہ شاگرد سماج جي بي پناھ سگھ ۽ اھڙي طاقت آھن جيڪي ظلمت آڏو بيھي رھن تہ ناقابل شڪست بنجي وڃن ٿا۔ ميرٽ ناھي۔ تعليمي ادارا ڪرپٽ ماڻھن وٽ يرغمال آھن. سنڌ کي ڪرپشن جي ڪالوني بنايو ويو آھي۔ ادارن کي تباھ ڪيو پيو وڃي۔ سفارش ۽ رشوت کي ڪلچر بنايو ويو آھي۔ حڪمرانن پنھنجي ڪرپشن کي تحفظ ڏيڻ لاء سنڌ جي سمورن تعليمي ادارن جي شاگردن کي سياست کان پري ڪري ڇڏيو آھي۔ شاگردن جي سجاڳي ۽ ليڊرشپ جي ضرورت آھي۔ اجلاس ۾ رخسار چانڊيو، صنم سمون، وسيمه اڄڻ، شھناز نوناري، بينظير اظهر، عرزينہ خاصخيلي، سنڌيا خاصخيلي، شائسته ابڙو، عارضو، صنم ابڙو، نشا مظھر ، سيما اڄڻ، سونھان ابڙو ۽ ٻين شرڪت ڪئي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
16th Nov 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
کراچی وائرل انفیکشن میں گھِر گیا: موسم کی بے ربطی، آلودگی اور انتظامی ناکامی نے شہر کو مریضوں سے بھر دیا
16th Nov 2025
•
پاکستان
ڈیرہ مراد جمالی اور بھاگ میں تشدد و فائرنگ کے الگ الگ واقعات، خاتون سمیت 3 افراد قتل
14th Nov 2025
•
سندھ
ٺٽي جي مختلف علائقن ۾ پوليس جون منشيات فروشن خلاف ڪارروائيون، 4 ڄڻا گرفتار
14th Nov 2025
•
پاکستان
ذیابیطس کے عالمی دن کے موقع پر پناہ کی جانب سے اسلام آباد میں ہیلتھ میلہ اور آگاہی واک کا انعقاد
16th Nov 2025
•
سنڌي خبرون
سجاول پوليس جي ڪارروائي، 5 ڏوهاري گرفتار
16th Nov 2025
•
سنڌي خبرون
ملير ۾ پهريون ڀيرو پيڪا ايڪٽ تحت FIR داخل ، دائود ڪياني جي گرفتاري جا امڪان
16th Nov 2025
•
سنڌي خبرون
آئين ۾ غير جمهوري ۽ آمراني ترميمن کي رد ڪيون ٿا سنڌ جي پاڻي، زمينن ۽ وسيلن تي قبضا برداشت نه ڪنداسين: اياز لطيف پليجو
16th Nov 2025
•
سنڌي خبرون
ڪراچي ۾ قومي عوامي تحريڪ جو 27هين ترميم ۽ سنڌ خلاف ٿيندڙ سازشن خلاف احتجاجي مظاهرو
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
حيدرآباد
سنڌي گرلس اسٽوڊنٽس
تحريڪ
ڪيو اي ٽي
حميرا خاصخيل
صبا سمون
روشنہ پٺاڻ
رفيعہ پليجو
0 تبصرے