ڪراچي جي سهراب ڳوٺ ميونسپل ڪارپوريشن طرفان دڪاندارن کي ٽريڊ لائيسنس لاءِ فيس جمع ڪرائڻ جي ھدايت

ڪراچي جي سهراب ڳوٺ ميونسپل ڪارپوريشن طرفان دڪاندارن کي ٽريڊ لائيسنس لاءِ فيس جمع ڪرائڻ جي ھدايت

ڪراچي جي سهراب ڳوٺ ميونسپل ڪارپوريشن طرفان دڪاندارن کي ٽريڊ لائيسنس لاءِ فيس جمع ڪرائڻ جي ھدايت

ڪراچي (رپورٽر) سهراب ڳوٺ ٽائون ميونسپل ڪارپوريشن طرفان ٽريڊ لائينسنس جي نالي ايوب ڳوٺ نورخان ڳوٺ احسن آباد ۽ ٻين علائقن جي دڪاندارن ۽ هوٽل وارن کي نوٽيس جاري ڪيا ويا ساليانو 15 هزار في دڪان جمع ڪرائي ٽريڊ لائيسنس جو چالان جمع نه ڪرائيندڙن خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي کين دڪان سيل ڪري جيل ۾ بند ڪري قيد ڪرڻ جون ڌمڪيون ڏنيون ويون دڪاندارن اهڙي عمل کي غنڊا ٽيڪس قرار ڏئي ڇڏيو دڪاندارن علي مراد صابر محمد نور گلاب ۽ ٻين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ٽائون چيئرمين لالا رحيم علائقي جا مسئلا ته حل ناهن ڪيا هاڻي غنڊا ٽيڪس تي لهي آيو آهي هنن چيو ته غنڊا ٽيڪس جا نوٽيس ڏيندڙن کي اها خبر به ناهي ته يوسيز جي حد ڪيستائين آهي يوسي 4 جا نوٽيس يوسي 3 ۽ يوسي 3 جا ٽيڪس يوسي 4 جي دڪاندارن کي ڏنا ويا جڏهن ته اهي چالان سنڌ بينڪ ۾ جمع ڪرائڻ جي ھدايت ڪئي جيڪا رقم هڪ ذاتي اهم شخص جي اڪائونٽ ۾ جمع ٿي رهي آهي جنهن مان دڪاندارن ۽ عام ماڻهن کي ڪو به رليف نه ملندو هنن چيو ته اسان ڪنهن به طريقي سان غنڊا ٽيڪس نه ڏينداسين جڏهن ته هوٽل وارن کان 30 کان 40 هزار ساليانو ٽيڪس جمع ڪرائڻ تي زور ڀريو ويو جيالن سان رعايت ۽ عام دڪاندارن سان سهراب ڳوٺ ٽائون جي ٽيم بدتميزي تي لهي آئي ان حوالي سان جڏهن يوسي چيئرمينن سان رابطو ڪيو ويو ته انهن پنھنجا نالا ظاھر نه ڪرڻ جي صورت ۾ ٻڌايو ته اسان کي ڪابه خبر ناهي اهي پيسا ٽائون وارا وٺي رهيا آهن ڪٿي جمع ڪرائڻا آهن ڪنهن سان ملڻو آهي يا نه ان بابت ڪا به ڄاڻ ناهي