حيدرآباد مان پراسرار نموني گم ٿيل نجي انشورنس ڪمپني ۾ ڪندڙ ناري ۽ نوجوان جو پتو نھ پيو

حيدرآباد مان پراسرار نموني گم ٿيل نجي انشورنس ڪمپني ۾ ڪندڙ ناري ۽ نوجوان جو پتو نھ پيو

حيدرآباد مان پراسرار نموني گم ٿيل نجي انشورنس ڪمپني ۾ ڪندڙ ناري ۽ نوجوان جو  پتو نھ پيو

حيدرآباد: لطيف آباد مان انشورنس ڪمپني ۾ ملازمت ڪندڙ ناري ۽ نوجوان جي پراسرار نموني گم ٿيڻ وارو معاملو، پنج ڏينهن گذرڻ باوجود قاسم آباد جي رهواسي نوجوان مختيار راٺوڙ ۽ پريٽ آباد واسڻ عائشه صديقي جو پتو نه پئجي سگهيو، نوجوان جي زال ۽ ٻين وارثن پاران اي سيڪشن ۽ قاسم آباد پوليس خلاف احتجاج، نوجوان جي زال جو چوڻ ھو تھ 9 مئي تي مڙس مختيار راٺوڙ لطيف آباد يونٽ نمبر 7 ۾ قائم خانگي انشورنس ڪمپني ويو مختيار راٺوڙ آفيس مان ناري عائشه صديقي سان گڏ نڪتو جتان هو گم ٿي ويو آهي اي سيڪشن ۽ قاسم آباد ٿاڻن تي پهچي مڙس جي گمشدگي بابت رپورٽ داخل ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي پر پوليس رپورٽ داخل ڪرڻ کان انڪاري آهي ڊي آءِ جي ۽ ايس ايس پي معاملي جو نوٽيس وٺن ته جيئن پوليس مڙس جي ڳولا کي يقيني بڻائي پريٽ آباد سان تعلق رکندڙ ناري عائشه صديقي جي والد محمد خالد به اي سيڪشن ٿاڻي پهچي رپورٽ داخل ڪرائي هئي ته نياڻي لطيف آباد يونٽ نمبر 7 ۾ قائم خانگي انشورنس ڪمپني جي آفيس وئي جتان گم ٿي وئي آهي