English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
خيرپورناٿن شاھ ويجھو مورو واسين سان حادثو، ٻن عورتن سميت 4 ڄڻا فوت، ھڪ زخمي
views
|
08th May 2024
•
سنڌي خبرون
خيرپورناٿن شاھ ويجھو مورو واسين سان حادثو، ٻن عورتن سميت 4 ڄڻا فوت، ھڪ زخمي
مورو (جاني جماڻي )مورو شھر جي پير بخاري محلا واسين جو خيرپورناٿن شاھ انڊس ھائي وي تي تيز رفتار مسافر ڪوچ جو ڪار کي ٽڪر ٻن عورتن سميت چار ڄڻا فوت ھڪ ڪار ڊرائيور زخمي ٿي پيو فوتين جا لاش ۽ زخمي کي مقامي اسپتال منتقل ڪيو ويو جتي زخمي کي طبي امداد ڏني وئي ۽ وڌيڪ علاج لاءِ سيوھڻ اسپتال منتقل ڪيو ويو آھي جڏھن تہ اھڙي حادثي اطلاع تي وارث مقامي اسپتال پھتا جتي فوتين جي لاش جون قانوني گھرجون پوريون ڪرڻ بعد لاش وارثن حوالي ڪيا ويا فوتين ۾ استاد ياسر ولد غلام عباس، غلام اصغر عرف منور ولد محمد ھاشم ميمڻ، سندس گھر واري ارشاد خاتون ۽ دلشاد زال غلام فاروق ميمڻ شامل آھن. وارثن جو چوڻ آھي تہ فيملي خيرپورناٿن شاھ ويجھو تعزيت لاءِ وڃي رھي ھئي جنھن دوران اھڙو حادثو پيش آيو آھي جڏھن تہ مقامي پوليس ڪوچ کي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو آھي، ڪوچ ڊرائيور ۽ ڪلينر فرار ٿي ويا آھن. جڏھن تہ وارث لاش ايمبولينس ذريعي کڻائي مورو گھر پھتا چار لاش پھچڻ تي ڪھرام مچي ويو ۽ شھر ۾ پڻ سوڳ ڇائنجي ويو بعد ۾ چئن ڄڻن جي گڏيل جنازي نماز ادا ڪئي وئي جنھن ۾ سياسي سماجي علمي ادبي مذھبي قومپرست حلقي سان واسطو رکندڙن صحافين سميت ھر مڪتب فڪر سان تعلق رکندڙن وڏي انگ پھچي جنازي نماز ادا ڪئي وئي ۽ جنازي نماز بعد مرحومين کي اباڻي قبرستان ۾ دفنايو ويو.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
20th Oct 2025
•
سندھ
ڈی آئی جی ٹریفک پولیس پیر محمد شاہ کی جانب سے معروف اداکار اینکر و کامیڈین کاشف خان کو ٹریفک پولیس کا گڈ ول ایمبیسیڈر کا عہدہ تفویض کیا گیا
20th Oct 2025
•
کھیل
ملک میں کھیلوں کی سرگرمیوں میں اضافے کی ضرورت ہے قرۃ العین خان
20th Oct 2025
•
سندھ
حضرت قطب عالم شاہ بخاری رحمة اللہ علیہ کا مزار کراچی کے معروف مزارات میں سرفہرست ہے کفیل حسین
20th Oct 2025
•
سندھ
کراچی میں سیاسی ہلچل , پیپلز پارٹی اور جماعت اسلامی کے کونسلرز مسلم لیگ (ن) میں شامل
20th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
ملير ۾ پسند جو پرڻو ڪندڙ جوڙي جو جرڳائي وڏيرن خلاف احتجاج
20th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
ملير: شاهه لطيف ٽائون واسين جو قبضاگيرن ۽ ڀتي خورن خلاف احتجاج
20th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
گمبٽ ۾ سماجي تنظيم احساس سوشل فورم پاران مستحقن جي مدد
20th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
ڏوڪري ۾ آرا مشين يونين، ٽريڪٽر اونرز ۽ مزدورن طرفان پوليس خلاف احتجاج
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
خيرپورناٿن شاھ
مورو
0 تبصرے