English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ننڍن آبادگارن کي ڪڻڪ جو سرڪاري اگھ نھ پيو ڏنو وڃي: اياز لطيف پليجو
views
|
22nd Apr 2024
•
سنڌي خبرون
ننڍن آبادگارن کي ڪڻڪ جو سرڪاري اگھ نھ پيو ڏنو وڃي: اياز لطيف پليجو
حيدرآباد (بيورو) قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي چيو آھي تہ ننڍن آبادگارن کي ڪڻڪ جو سرڪاري اگھ نہ پيو ڏنو وڃي. واپاري مافيا سستي اگھ تي ڪڻڪ خريد ڪري ھارين ۽ ننڍن آبادگارن جو معاشي قتل ڪري رھي آھي. پيپلز پارٽي سنڌ کي بک، بدحالي، ڌاڙيل راڄ، منشيات، ڪرپشن، ميرٽ جي لتاڙ ۽ لاقانونيت جي باھ ۾ اڇلائي ڇڏيو آھي. ڪرپٽ حڪمران نٿا چاهين تہ سنڌ ۾ ميرٽ ھجي، تعليم ۽ سائنس ھجي، روزگار ۽ خوشحال ھجي. پ پ حڪمرانن سنڌ جو ڪوئلو، گئس، ساحلي پٽي، ڪوھستان، ڪراچي سميت وڏن شھرن جون زمينون، ٻيٽ، ڪينجھر، ڪارونجھر، پاڻي ۽ ٻيا وسيلا چوٿون ڀيرو اقتدار ملڻ خاطر وڪڻي ڇڏيا آھن. اياز لطيف پليجي چيو سنڌ حڪومت سنڌي ماڻهن کي اصل مسئلن تان ڌيان ھٽائڻ لاءِ ڌاڙيل راڄ ۽ بدامني کي ختم نٿي ڪري. مھانگائي ذريعي عوام جو معاشي قتل ڪيو پيو وڃي. سنڌ حڪومت جا سمورا کاتا عوام آزار بنجي ويا آھن. اياز لطيف پليجي چيو تہ پيپلز پارٽي حڪومت سنڌ ۾ تعليم، صحت، روزگار، زراعت، صنعت، آئي ٽي ٽيڪنالاجي، خوشحالي ڏيڻ بدران سنڌ جي ماڻھن کي پينو فقيرن جو لشڪر بنائڻ چاھي ٿي. سنڌي ماڻھن ۾ پنھنجن بنيادي حقن لاءِ سياسي مزاحمت پيدا نہ ٿئي، جرئت نہ ٿئي، انھن جي اجتماعي آواز کي دٻائڻ ۽ اصل مسئلن تان ڌيان ھٽائڻ لاءِ ڌاڙيل ڪلچر کي مضبوط ۽ طاقتور ڪيو ويو آھي. اياز لطيف پليجي چيو تہ سنڌ جا ماڻھو حڪمرانن جي سازشن کي سمجھن ٿا. ڪيتريون بہ دھشتگرديون ڪيون وڃن، سنڌ جا ماڻھو پنھنجي حقن لاءِ خاموش نہ ويهندا. اھي پرامن مزاحمت لاءِ وڌي رھيا آھن.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
09th Nov 2025
•
پاکستان
عالمی حفاظتی ٹیکہ جات کا دن — صحت مند مستقبل کے لیے یکجا عزم
09th Nov 2025
•
تازہ ترین
محمود خان اچکزئی: آئین پر حملہ پاکستان پر حملے کے مترادف
09th Nov 2025
•
تازہ ترین
پارلیمانی کمیٹی میں 27ویں آئینی ترمیم پر غور و مشاورت کا اجلاس جاری
09th Nov 2025
•
دلچسپ اور عجیب
فرانس میں شہری کو اپنے باغ سے 8 لاکھ ڈالر مالیت کا سونا مل گیا
09th Nov 2025
•
سنڌي خبرون
ٽنڊو الهيار: زرداري ڪالوني ۾ گهرو اڻبڻت تان مڙس هٿان مبينا طور زال قتل
09th Nov 2025
•
سنڌي خبرون
ڪراچي ۾ ترقياتي ڪم صرف ايم ڪيو ايم پاڪستان ڪرائي سگهي ٿي: بشير رند
09th Nov 2025
•
سنڌي خبرون
مورو جي شھيد بينظير ڀٽو پارڪ جي سونھن وڌائڻ لاءِ ڪم جاري آهي: نظير ميمڻ
09th Nov 2025
•
سنڌي خبرون
مڪلي ۾ ڳوٺ صديق شورو واسي نوجوان جو مامي خلاف احتجاج
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
اياز لطيف پليجو
حيدرآباد
قومي عوامي تحريڪ
0 تبصرے