English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ميرپور بٺورو پوليس پاران اشتھاري ڏوھاري کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ
views
|
21st Apr 2024
•
سنڌي خبرون
ميرپور بٺورو پوليس پاران اشتھاري ڏوھاري کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ
سجاول (گلشيرميربحر) ضلعي سجاول جي پوليس جون ڏوھارين خلاف ڪاروايون جاري، گذريل رات دير سان ميرپور بٺورو پوليس جو ڏوھ جي ارادي سان روڊ تي بيٺل ڏوھارين سان مقابلو، ھڪ اشتھاري ڏوھاري زخمي حالت ۾ گرفتار، ٻہ ڏوھاري فرار، اسلحو برآمد.سجاول پوليس جي ترجمان غلام قادر گوپانگ مطابق ايس ايس پي سجاول ڊاڪٽر عبدالخالق پيرزادو جي سخت ھدايتن تي سجاول پوليس جون ڏوھارين خلاف ڪاروايون جاري آھن، ان سلسلي ۾ ايس ايڇ او ميرپور بٺورو مير محمد گاڏھي کي گذريل رات اطلاع مليو تہ ٽي ڏوھاري ميرپور بٺورو لڳ جاڙا واھ ۽ ستاھ واھ بخاري درگاھ جي ويجھو لنڪ روڊ تي رڪاوٽون رکي ڏوھ جي ارادي سان بيٺل آھن جنھن تي ايس ايڇ او ميرپور بٺورو انچارج جاتي چوڪ ۽ پوليس پارٽي سان گڏ مليل اطلاع واري جاء تي پھتو تہ ڏوھارين پوليس کي ڏسي فائرنگ شروع ڪري ڇڏي جنھن تي پوليس بہ جوابي فائرنگ ڪئي ۽ ٻنھي طرفن فائرنگ جو سلسلو ھلندو رھيو ان نتيجي ۾ ھڪ ڏوھاري کي زخمي حالت ۾ پوليس گرفتار ڪري ورتو جڏھن تہ ٻيا ٻہ ڏوھاري فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا. پوليس موجب جانچ بعد گرفتار ٿيل ڏوھاري جي سڃاڻپ سجاول ضلعي جي اشتھاري ڏوھاري محمد صديق گھجڙيو ملاح طور ٿي جيڪو چورين، ڌارن ۽ ڦرون ۾ ملوث آھي ۽ ھن خلاف ضلعي جي مختلف ٿاڻن تي ڪيترائي ڪيس داخل آھن. پوليس ترجمان موجب مقابلي واري جاءِ تان ھڪ ٽي ٽي 30 بور پسٽل، ھڪ ڦر ڪيل موٽر سائيڪل، 12 عدد ڪلاشنڪوف جا خالي خول ۽ 6 عدد پسٽل جا خالي خول برآمد ٿيا آھن. زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيل ڏوھاري کي ميڊيڪل چيڪ اپ لاء ميرپور بٺورو اسپتال منتقل ڪيو ويو آھي. جڏھن تہ سندس خلاف وڌيڪ جاري آھي، جڏھن تہ گرفتار ۽ فرار ٿيل ٻين ڏوھارين خلاف ٻہ جداد جدا ڪيس داخل ڪيا ويا آھن. ٻئي طرف ايس ايس پي سجاول ڊاڪٽر عبدالخالق پيرزادو ايس ايڇ او ميرپور بٺورو مير محمد گاڏھي ۽ ان جي ٽيم کي ڏوھ جي ڪوشش ناڪام بنائڻ ۽ اشتھاري ڏوھاري کي گرفتار ڪرڻ تي شاباسي ڏني ۽ تعريفي سند CCIII سرٽيفڪيٽ ڏيڻ جو حڪم ڏنو آھي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
09th Nov 2025
•
پاکستان
عالمی حفاظتی ٹیکہ جات کا دن — صحت مند مستقبل کے لیے یکجا عزم
09th Nov 2025
•
تازہ ترین
محمود خان اچکزئی: آئین پر حملہ پاکستان پر حملے کے مترادف
09th Nov 2025
•
تازہ ترین
پارلیمانی کمیٹی میں 27ویں آئینی ترمیم پر غور و مشاورت کا اجلاس جاری
09th Nov 2025
•
دلچسپ اور عجیب
فرانس میں شہری کو اپنے باغ سے 8 لاکھ ڈالر مالیت کا سونا مل گیا
09th Nov 2025
•
سنڌي خبرون
ٽنڊو الهيار: زرداري ڪالوني ۾ گهرو اڻبڻت تان مڙس هٿان مبينا طور زال قتل
09th Nov 2025
•
سنڌي خبرون
ڪراچي ۾ ترقياتي ڪم صرف ايم ڪيو ايم پاڪستان ڪرائي سگهي ٿي: بشير رند
09th Nov 2025
•
سنڌي خبرون
مورو جي شھيد بينظير ڀٽو پارڪ جي سونھن وڌائڻ لاءِ ڪم جاري آهي: نظير ميمڻ
09th Nov 2025
•
سنڌي خبرون
مڪلي ۾ ڳوٺ صديق شورو واسي نوجوان جو مامي خلاف احتجاج
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
سجاول
0 تبصرے