ٺٽو: رياض شاھ شيرازي جي صوبائي وزير جو حلف کڻڻ بعد پھريون ڀيرو شيرازي ھائوس آمد

ٺٽو: رياض شاھ شيرازي جي صوبائي وزير جو حلف کڻڻ بعد پھريون ڀيرو شيرازي ھائوس آمد

ٺٽو: رياض شاھ شيرازي جي صوبائي وزير جو حلف کڻڻ بعد پھريون ڀيرو شيرازي ھائوس آمد

ٺٽو( محمد شفيق ڀٽي) اوقاف، مذھبي معاملن ۽ عشر زڪوات سنڌ جي صوبائي وزير سيّد رياض حسين شاھ شيرازي صوبائي وزير جو حلف کڻڻ بعد پھريون ڀيرو شيرازي ھائوس ٺٽو تي پھتو تہ ٺٽو ۽ سجاول ضلعن جي زارين ماڻھن سندس مانائتو استقبال ڪري مٿس گلن جي ورکا ڪري کيس صوبائي وزير منتخب ٿيڻ تي مبارڪون ڏيئي کيس لونگين ۽ اجرڪن جا تحفا پيش ڪيا. ان موقعي تي سيد رياض حسين شاھ شيرازي آيل عوام جو ٿورو مڃيندي چيو تہ آء عوام جي ڏنل محبت ڪڏھن بہ وساري نٿو سگھان، عوام جا سمورا مسئلا بنا فرق جي حل ڪيا ويندا. ان موقعي تي اڳوڻو ايم پي اي سيد امتياز شاھ شيرازي، سيد امير حيدر شاھ شيرازي، سيد غلام حيدر شاھ شيرازي، سيد تنوير حيدر شاھ شيرازي، سيد مھتاب شاھ شيرازي، سيد اڪرم شاھ شيرازي، حاجي حنيف ميمڻ، عبدالمجيد خاصخيلي سميت ھزارين ماڻھون موجود ھئا. ٻئي طرف صوبائي وزير سيد رياض حسين شاھ مڪلي جي وڏي درگاھ حضرت عبدالله شاھ اصحابي تي پھچي درگاھ تي چادرون چاڙھي دعائون گھرڻ بعد صحافين سان ڳالھائيندي صوبائي وزير سيد رياض حسين شاھ شيرازي چيو ته درگاهون امن آشتي پيار محبت ۽ دين جي پرچار ڪرڻ لاء انتهائي اهم آھن، سنڌ جي درگاهن مان هميشه پيار امن ۽ محبت جو پيغام عام ٿيو آھي، ھن چيو ته درگاهن سميت پوري ملڪ اندر امن امان جي صورتحال کي بهتر بنائڻ لاء وفاقي صوبائي حڪومت سان گڏوگڏ پاڪ فوج ۽ سيڪيورٽي ادارا متحرڪ آھن، سمورا وسيلا ڪتب آندا پيا وڃن، وبائي وزير سيد رياض حسين شاھ شيرازي وڌيڪ چيو ته ڪراچي ۾ پيش آيل دهشتگردي جي واقعي کانپوء وڌيڪ سيڪيورٽي ادارن کي ھاء الرٽ رکيو ويو آھي، درگاهن جي سيڪيورٽي توڙي ٻين معاملن جي حوالي سان سومر ڏينهن تفصيلي کاتي جي اختيارين کان بريفنگ وٺندس، ھن چيو ته درگاهن تي واشروم پيئڻ جي صاف پاڻي ۽ عقيدت مندن لاء ٻين سهولتن جي فراهمي ذڪوات فنڊ ذريعي غريب ۽ مستحق ماڻھن جي علاج توڙي ٿيليسيميا ۾ مبتلا توڙي ڊائلاسز ڪرائيندڙ مريضن کي علاج جون سهولتون ڏياريون وينديون. ان موقعي تي خليفو حاجي فيروز احمد، وڏيرو الھبچايو ميربحر سميت اوقاف کاتي جا عملدار موجود ھئا.