نوشهروفيروز: ناليوارو شاعر ۽ اديب اعجاز ممنائي ساٿين سميت آل سنڌ پيپلز پيرا ميڊيڪل اسٽاف ۾ شامل

نوشهروفيروز: ناليوارو شاعر ۽ اديب اعجاز ممنائي ساٿين سميت آل سنڌ پيپلز پيرا ميڊيڪل اسٽاف ۾ شامل

نوشهروفيروز: ناليوارو شاعر ۽ اديب  اعجاز ممنائي ساٿين سميت  آل سنڌ پيپلز پيرا ميڊيڪل اسٽاف ۾ شامل

نوشهروفيروز(ڊ ر) سول اسپتال نوشهروفيروز جي سينئر ٽئڪنيشن، هيلٿ پروفيشنل يونين جو صوبائي اڳواڻ ۽ ڪيترن ئي ڪتابن جي ليکڪ شاعر اديب اعجاز ممنائي پاران پنهنجي ساٿين سميت آل سنڌ پيپلز پيرا ميڊيڪل اسٽاف ۾ شموليت اختيار ڪري ڇڏي آهي۔ ان موقعي سندن مان ۾ اهم تقريب آل سنڌ پيپلز پيرا ميڊيڪل اسٽاف سول اسپتال نوشھرو فيروز ۾ رکي وئي جنهن ۾ صوبائي اڳواڻ محمداسماعيل کوسو، ڊويزنل صدر ميراعجاز راڄپر، ڊويزنل جنرل سيڪريٽري ممتاز احمد عالماڻي، ضلعي صدر حفيظ الله راڄپر يونٽ اڳواڻن خيرمحمد سهتو، هدايت الله سولنگي منظور ملڪ ۽ ٻين اعجاز ممنائي ۽ سندس سٿ کي ڀليڪار ڪندي کين اجرڪ ۽ ٽوپيء جا تحفا پيش ڪيا ان موقعي تي اعجاز ممنائي خطاب ڪندي چيو ته پيراميڊيڪل اسٽاف جي وسيع مفادن خاطر هن تنظيم ۾ شامل ٿيا آھيون هاڻي اهو ڏينهن پري ناهي جو اسان پنهنجا حق حاصل ڪري سگهون ڇوته تنظيمن جي ڇڪتاڻ سبب اسان پنهنجي حقن کان محروم آھيون۔هن چيو ته تنظيم جو مقصد نظم وضبط هوندو آھي پر غير رجسٽرڊ تنظيم ۾ رهندي اسان پنهنجا جائز حق حاصل نه پئي ڪري سگهياسين۔ھن چيو ته مسلسل 30 سال هڪ تنظيم ۾ رهندي پيراميڊيڪل اسٽاف لاء ٽائيم اسڪيل يا سروس اسٽڪچر نه وٺي سگهيا آھيون جنهن جا زميوار پيراميڊيڪل اسٽاف جا غيرسنجيده اڳواڻ آھن هاڻي انهن اڳواڻن جو سخت احتساب ڪري قانون جي ڪٽھڙي ۾ آڻينداسين۔