جاتي ۾ عالم دين مولوي نظر محمد جت نعيمي جي نائين عرس تي جلسو منعقد

جاتي ۾ عالم دين مولوي نظر محمد جت نعيمي جي نائين عرس تي جلسو منعقد

جاتي ۾ عالم دين مولوي نظر محمد جت نعيمي جي نائين عرس تي جلسو منعقد

سجاول (رپورٽر) جاتي ۾ مرڪزي جماعت اھلسنت ۽ انجمن غلامانِ مصطفي صلي الله عليه وسلم پاران ڇوٿئون ساليانو دستاري فضيلت ۽ لاڙ جي نامور عالم دين مولوي نظر محمد جت نعيمي جو نائون عرس مبارڪ جي موقعي تي جاتي جي تاريخ ۾ پھريون دفعو ھڪ عظيم الشان جلسو ٿي گذريو جنھن جي صدارت مرڪزي جماعت اھسلنت سنڌ جي امير مفتي محمد جان نعيمي مجددي ڪئي عظيم الشان جلسي ۾ شرڪت ڪندڙ ھزارين ماڻھن کي مفتي اعظم سنڌ محمد جان نعيمي مجددي، مولانا سيد امير محمد ڀوروي، مولانا مفتي عنايت الله سڪندري، مولانا محمد عيسي سومرو نعيمي، مولانا غلام محمد لوڊو نعيمي ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته دين اسلام کي سمجھڻ لاء ديني تعليم حاصل ڪرڻ وقت جي اھم ضرورت آھي پنھنجن ڳوٺن ۽ شھرن ۾ ديني مدرسا قائم ڪري پنھنجي اولاد کي قرآن پاڪ جي تعليم ڏياري ھڪ سٺو مسلمان بڻجو جلسي ۾ ملڪ جي مشھور علماءِ اڪرامن ملڪ قوم دين اسلام جي ترقي ۽ ڀلائي لاء خصوصي دعا گھري انھيء موقعي تي مرڪزي جماعت اھلسنت سنڌ جي امير مفتي محمد جان نعيمي مجددي مدرسه مدينته العلوم حنفيه نعيميه جي تعميراتي ڪم جو سنگ بنيا پڻ رکيو عظيم الشان جلسي ۾ اڳوڻي صوبائي وزير حاجي محمد عثمان خان ملڪاڻي، سماجي اڳواڻ حاجي ذوالفقار علي خان ملڪاڻي، اسلم خان ملڪاڻي، واحدبخش خان ملڪاڻي، محمد خان ملڪاڻي، شفقت علي خان ملڪاڻي سميت سجاول ٺٽو بدين ۽ جاتي تعلقي جي مختلف برادرين نيڪ مردن ۽ عوام ھزارين جي تعداد ۾ شرڪت ڪئي.