بحريه فائونڊيشن ڪاليج عمرڪوٽ ڪيمپس پاران زمين جو عالمي ڏينھن ملهايو ويو

بحريه فائونڊيشن ڪاليج عمرڪوٽ ڪيمپس پاران زمين جو عالمي ڏينھن ملهايو ويو

بحريه فائونڊيشن ڪاليج عمرڪوٽ ڪيمپس پاران زمين جو عالمي ڏينھن ملهايو ويو

عمرڪوٽ (ڊ ر) بحريا فائونڊيشن ڪاليج عمرڪوٽ ڪيمپس پاران زمين جو عالمي ڏينھن وڏي جوش ۽ جذبي سان ملهايو ويو، ڪاليج جي شاگردن پوسٽر، چارٽ وغيره ٺاهيا، زمين جي عالمي ڏينهن جي سلسلي بحريا فائونڊيشن ڪاليج عمرڪوٽ ۾ ٻوٽا پوکيا ويا ۽ گورنمينٽ بوائز ڊگري ڪاليج جي پارڪ ۾ ٻوٽا پڻ لڳايا ويا، ان موقعي تي گورنمينٽ بوائز ڊگري ڪاليج عمرڪوٽ جي پرنسپال عبدالرئوف سومرو شاگردن کي ليڪچر ڏيندي چيو ته بحريا فائونڊيشن ڪاليج جي طرفان هي تمام سٺو ڪم ڪيو پيو وڃي ٻارن کي سٺو سبق سيکاريو پيو وڃي ٻارن کي زمين ۽ ان جي اهميت بابت آگاهي ڏني پئي وڃي، ان سان سندن شعور اجاگر ٿيندو ۽ ٻوٽا پوکڻ سان ماحول کي بهتر بڻائيو ويندو، ان موقعي تي عبدالڪريم تبسم منڱريو شاگردن کي ليڪچر ڏيندي چيو تہ ماحول صرف ٻوٽن سان خوشگوار آهي هن ڌرتيءَ تي ٻوٽا تمام وڏو ڪردار ادا ڪن ٿا زمين ۽ ٻوٽن جو انسان لاءِ انھن جي جانين لاءِ ۽ ماحول لاءِ وڏو ڪردار آهي، بحريه فائونڊيشن ڪاليج عمرڪوٽ ڪيمپس جي شاگردن زمين جي عالمي ڏينھن تي ٻوٽا پوکي انھي ڏينھن کي وڏي خوشي سان ملهايو.