ٺٽو: شاهه نوراني تي ويندي حادثي ۾ زخمين ٿيلن مان وڌيڪ هڪ ڄڻي دم ڏئي ڇڏيو، فوتين جو انگ 19 ٿي ويو

ٺٽو: شاهه نوراني تي ويندي حادثي ۾ زخمين ٿيلن مان وڌيڪ هڪ ڄڻي دم ڏئي ڇڏيو، فوتين جو انگ 19 ٿي ويو

ٺٽو: شاهه نوراني تي ويندي حادثي ۾ زخمين ٿيلن مان وڌيڪ هڪ ڄڻي دم ڏئي ڇڏيو، فوتين جو انگ 19 ٿي ويو

ٺٽو(شفيق ڀٽي) عيد ڏھاڙي درگاھ شاھ نوراني زيارت تي ويندي ٽرڪ ڪلٽي ٿيڻ ڪري پيش آيل خوفناڪ حادثي ۾ هڪ وڌيڪ زخمي فوت، فوتين جو انگ وڌي 19 ٿي ويو، شھيد بينظير ڀٽو ٽراما اسپتال ڪراچي ۾ انتهائي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ داخل رفيق جوکيو زخمن جا تاب نه سهندي فوت ٿي ويو جنهن جو مڙھ سندن ڳوٺ مڪلي لڳ قاسم جوکيو آندو ويو، فوت ٿيل رفيق جوکيو جي تدفين جون رسمون اڄ منجهند 2 وڳي ادا ڪيون وينديون ڳوٺ ۾ سوڳ وارو ماحول، زخمين مان باقي 8 ڄڻا ڪراچي جي اسپتالن ۾ داخل، زخمين مان رسولي جوکيو نياز علي جوکيو ۽ علي شير جوکيو جي حالت بدستور ڳڻتي جوڳي، خوفناڪ ۽ المناڪ حادثي ۾ فوتين جو انگ وڌي 19 ٿي ويو جن ۾ هڪ ئي ڳوٺ ۽ هڪ ئي خاندان سان تعلق رکندڙ ڳوٺ قاسم جوکيو جا 17 ڄڻا شامل آھن، افسوسناڪ حادثي ۾ فوت ٿيلن جي تڏي تي مڪلي لڳ ڳوٺ قاسم جوکيو ۾ عذر خواهين جو سلسلو جاري، مشھور عالمِ دين حافظ غلام محمد سوهو جي فرزندن ڪليم الله جان ۽ احمد جان ۽ ٻين تڏي تي پهچي وارثن سان ڏک ونڍيو ۽ عذر خواهي ڪئي