English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ڄامشورو: شهيد الله بخش سومرو يونيورسٽي جي ليڊي ليڪچرار کي هراسان ڪرڻ تي ڊپٽي ڊائريڪٽر فنانس نوڪري تان برطرف
39 views
|
19th Apr 2024
•
سنڌي خبرون
ڄامشورو: شهيد الله بخش سومرو يونيورسٽي جي ليڊي ليڪچرار کي هراسان ڪرڻ تي ڊپٽي ڊائريڪٽر فنانس نوڪري تان برطرف
ڄامشورو(رپورٽر) ڄامشوري جي شهيد الله بخش سومر يونيورسٽي آف آرٽ، ڊيزائن اينڊ هيريٽيجز ڄامشورو جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر ارابيلا ڀٽو، ڊپٽي ڊائريڪٽر فنانس آصف علي شر کي ليڊي ٽيچر ۽ گرلس هاسٽل وارڊن کي حراسان ڪرڻ جي الزام ثابت ٿيڻ تي نوڪري تان هٽائي ڇڏيو آهي وائيس چانسلر، سيبس يونيورسٽي ڄامشورو جي وومين هراسمينٽ ڪميٽي جي سفارش تي عورتن کي هراسان ڪرڻ خلاف تحفظ واري ايڪٽ 2010 جي سيڪشن (b) (4) (ii) تحت ڏوهه ثابت ٿيڻ تي آصف علي شر کي ملازمت تان فارغ ڪري ڇڏيو سيبس يونيورسٽي جي وومين هراسمينٽ ڪميٽي ۽ گرلز ريسڪيو سينٽر ڄامشورو، ڊپٽي ڊائريڪٽر فنانس آصف علي شر خلاف ايڊجنڪٽ فيڪلٽي ۽ گرلز هاسٽل جي وارڊن جي شڪايت تي کيس هراسان ڪرڻ جي الڳ الڳ جاچ ڪئي. گرلز ريسڪيو سينٽر ڄامشورو 15 اپريل 2024ع تي سيبس يونيورسٽي ۽ ٻين لاڳاپيل کاتن کي پنهنجي رپورٽ جمع ڪرائي، جڏهن ته وومين هراسمينٽ ڪميٽي 17 اپريل 2024 تي رپورٽ وائيس چانسلر کي جمع ڪرائي. وائيس چانسلر ٻنهي ڪميٽين جي سفارش تي آصف علي شر کي ملازمت تان هٽائڻ جا حڪم جاري ڪيا آهن. اهو معاملو سنڊيڪيٽ جي ايندڙ اجلاس ۾ پيش ڪيو ويندو. يونيورسٽي طرفان ڪيل فيصلي جي ڄاڻ سيڪريٽري يونيورسٽيز اينڊ بورڊز، حڪومت سنڌ، ڊائريڪٽوريٽ آف هيومن رائيٽس، حڪومت سنڌ، چيئرمين هائير ايجوڪيشن ڪميشن اسلام آباد، چيئرمين هائير ايجوڪيشن ڪميشن سنڌ ڪراچي ۽ ڊي ايس پي گرلز ريسڪيو سينٽر ڄامشورو کي موڪلي وئي آهي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
19th Dec 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
نقاب پر ہاتھ — آزادی، وقار اور انسانیت پر حملہ
19th Dec 2025
•
سندھ
کے وی ٹی سی کے چیمپیئنز کی نیپال میں8بین الاقوامی تمغوں کے ساتھ کامیابی
18th Dec 2025
•
تازہ ترین
سینئر صحافی مشتاق سرکی کا بھائی آفاق سرکی بازیاب ہو گیا
18th Dec 2025
•
تازہ ترین
آفاق سرکی بازیاب نہ ہوئے، مشتاق سرکی نے حکومت کو 72 گھنٹے کی مہلت دی
19th Dec 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
نقاب پر ہاتھ — آزادی، وقار اور انسانیت پر حملہ
19th Dec 2025
•
سندھ
کے وی ٹی سی کے چیمپیئنز کی نیپال میں8بین الاقوامی تمغوں کے ساتھ کامیابی
18th Dec 2025
•
سنڌي خبرون
پيپلز پارٽي اقتدار ۾ اچي سنڌي ماڻھن جي اميدن جي برخلاف ڪم ڪيو آھي: اياز لطيف پليجو
18th Dec 2025
•
سنڌي خبرون
نوشهروفيروز ويجهو ٺٽ ڳوراهو ۾ مفت اکين جي ڪيمپ قائم
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
ڄامشورو
شهيد الله بخش سومرو
ليڊي ليڪچرار
راحيلا اعواڻ
harassment
university
sex
0 تبصرے