وڏي وزير پاران نوشھروفيروز يونيورسٽي لاءِ سيڪريٽري يونيورسٽيز ۽ بورڊس کي ھدايتون جاري

وڏي وزير پاران نوشھروفيروز يونيورسٽي لاءِ سيڪريٽري يونيورسٽيز ۽ بورڊس کي ھدايتون جاري

وڏي وزير پاران نوشھروفيروز يونيورسٽي لاءِ سيڪريٽري يونيورسٽيز ۽ بورڊس کي ھدايتون جاري

نوشھروفيروز(ڊر) يونيورسٽي آف نوشھروفيروز جي قيام لاء سنڌ يونيورسٽي ڪيمپس نوشھرو فيروز جي پرو وائس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر اظھر علي شاھه جي درخواست تي وزير اعليٰ سنڌ سيد مراد علي شاھ طرفان سيڪريٽري يونيورسٽيز ۽ بورڊس محترم نور احمد سمو کي ھدايتون جاري ڪيون ويون آھن تـ ان درخواست مطابق گھربل عمل ڪيو وڃي. اميد آھي تـ سيڪريٽري يونيورسٽيز ۽ بورڊس ٻنھي ڪيمپسز جي ڪوآرڊينيشن سان فيزبلٽي رپورٽ تيار ڪري سنڌ ڪيبنيٽ جي منظوري لاء ايجنڊا ۾ شامل ڪندا جنھن بعد قانون واري کاتي مان يونيورسٽي آف نوشھرو فيروز بل 2024 تيار ڪري سنڌ اسيمبلي ۾ منظوري لاء پيش ڪيو ويندو. اسيمبلي جي منظوري ۽ گورنر جي توصيع بعد يونيورسٽي آف نوشھرو فيروز ايڪٽ 2024 عمل ۾ ايندو ۽ يونيورسٽي پنھجو ڪم شروع ڪندي.ان عمل کي ساراهيندي سماجي اڳواڻن اعجاز ممنائي زوهيب سولنگي امجد ميمڻ منير احمد ميمڻ ايم ظفر تڳر ۽ ٻين چيو ته نوشھروفيروز ۾ يونيورسٽي جو قيام وقت جي اهم ضرورت آھي جنهن سان نوجوان شاگرد توڙي شاگردياڻيون اعليٰ تعليم جي زيور سان سينگارجي ويندا۔