هلال احمر پاڪستان پاران شڪارپور جي ٻوڏ متاثرن ۾ مينھون ورھايون ويون

هلال احمر پاڪستان پاران شڪارپور جي ٻوڏ متاثرن ۾ مينھون ورھايون ويون

هلال احمر پاڪستان پاران شڪارپور جي ٻوڏ متاثرن ۾ مينھون ورھايون ويون

شڪارپور ( احسان ابڙو ) هلال احمر پاڪستان پاران شڪارپور جي سيلاب متاثر 60 خاندانن ۾ 60 مينهون ڏنيون ويون.تفصيل موجب هلال احمر پاڪستان پاران شڪارپور ۾ رڪوري فيز 2023 جي نصبت سان شڪارپور ضلعي جي 60 خاندانن ۾ 60 مينهون ورهائڻ جي تقريب ٿي گذري. تقريب ۾ ريڊ ڪراس جو هيڊ آف ڊيليگيٽ، ريڊڪريسينٽ نيشنل هيڊڪوارٽر ۽ صوبائي هيڊڪوارٽر جي نمائندن پڻ شرڪت ڪئي. تقريب سان ڳالهائيندي هلال احمر شڪارپور جي چيئرمين آغا منير احمد پٺاڻ چيو ته اڄ اسان هتي شڪارپور ضلعي جي ٽن تعلقن جي ستن ڳوٺن جا برسات متاثرين آهن جنهن ۾ تمام غريب ماڻهو آهن انهن جي حوالي سان هي 60 متاثرين خاندانن ۾ مينهون ورهائي رهيا آهيون. ان پيغام سان ته هو پنهنجي ڪاروبار سان پنهنجي پيرن تي بيهي سگهن ۽ معاشي مسئلن مان نڪري سگهن. هي اسان جي رڪوري پروگرام جو هڪ شروعاتي قدم آهي. هلال احمر شروع کان ئي متاثر ماڻهن سان گڏ رهي آهي. ان ۾ اسان جي نيشنل چيئرمين ۽ اسان جي صوبائي هيڊ ڪوارٽر اسان سان وڏي تعاون ۾ رهيا آهن ۽ اڳتي بہ اميد ٿا رکون ته اھي شڪارپور کي اڪيلو نه ڇڏيندا.ان موقعي تي آء ايف آر سي جي نمائندن عاصمه نسيم ، ڪامران ڪاشف ، نيشنل هيڊ ڪوارٽر جو ڊپٽي ڊائريڪٽر سيف الرحمن جمالي ۽ ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ون سيد ڪبير محمد شاه جن چيو تہ حلال احمر طرفان ھي غريب عوام لاءِ ھڪ سٺو تحفو آهي ان کي سٺي نموني استعمال ڪيو وڃي هنن چيو تہ شڪارپور ضلع جي 15 لک آبادي آهي پر اسان چونڊي چونڊي اسان 60 ماڻهن کي سليڪٽ ڪري انهن کي هي مينهن جي صورت ۾ مدد ڪري رهيا آهيون جئين ھو انھن مان گهڻي کان گهڻو فائدو حاصل ڪن .