سجاول جي نئين ايس ايس پي ڊاڪٽر عبدالخالق پيرزادو چارج سنڀالي ورتي

سجاول جي نئين ايس ايس پي ڊاڪٽر عبدالخالق پيرزادو چارج سنڀالي ورتي

سجاول جي نئين ايس ايس پي ڊاڪٽر عبدالخالق پيرزادو چارج سنڀالي ورتي

سجاول (گلشيرميربحر)ايس ايس پي ڊاڪٽر عبدالخالق پيرزادو ايس ايس پي ضلع سجاول جي چارج سنڀالڻ بعد ,ايس ايس پي آفيس پهچڻ تي ايس ايس پي جو شاندار استقبال ڪيو ويو، سجاول پوليس جي چاڪ ۽ چوبند دستی کيس سلامي ڏني ايس ايس پي سجاول، ڊاڪٽر عبدالخالق ضلع سجاول پوليس جي سمورن ڊي ايس پيز، ايس ايڇ اوز ۽ برانچز جي سربراهن سان تعارفي گڏجاڻي ڪئي، امن امان جي صورتحال ۽ ڪارڪردگي جو جائزو ورتو تفصيل موجب 18 مارچ 2024ع تي ايس ايس پي ڊاڪٽر عبدالخالق پيرزادو ضلع سجاول جي چارج سنڀالڻ بعد اڄ 19 مارچ ضلع جي سمورن ڊي ايس پيز، ايس ايڇ اوز، انچارج پوسٽ، برانچز جي سربراهن سان، ايس ايس پي آفيس سجاول ۾ هڪ تعارفي ۽ امن و امان جي حوالي سان گڏجاڻي ڪئي.ان موقعي تي ايس ايس پي سجاول حڪم جاري ڪندي چيو ته ڏوهارين، منشيات فروشن، گٽڪو وڪرو ڪندڙن خلاف ڪريڪ ڊائون جاري رکيو وڃي. بعد ۾ سمورن ايس ايڇ اوز جي ڪارڪردگي جو الڳ الڳ جائزو ورتو ويو ۽ وڌيڪ هدايتون جاري ڪيون ويون ۽ احڪامات جاري ڪيا ويا ته منشيات فروشن تي ڪو به سمجهوتو نه ڪيو ويندو.ميٽنگ دوران ايس ايس پي سجاول چيو ته ڏوهاري ڪيترا به چالاڪ يا بااثر ڇو نه هجن پر پيشه ورانه صلاحيتن جي استعمال سان ناممڪن کي ممڪن بڻائي سگهجي ٿو، نيڪ نيت ۽ پيشه ور صلاحيتن کي استعمال ڪندي انهن کي گرفتار ڪري ڪاميابي حاصل ڪري سگهجي ٿي.پوليس ٿاڻن تي ايندڙ سائلين سان حسن سلوڪ سان پيش اچو. سندن عزت نفس جو خيال رکيو وڃي، سندن مسئلا ٻڌي فوري حل ڪيا وڃن، انصاف فراهم ڪيو وڃي، ميٽنگ دوران سمورن آفيسرن کي پنهنجن پنهنجن علائقن ۾ خاص هدايتون جاري ڪندي چيو ته موثر حڪمت عملي سان اسنيپ چيڪنگ کي يقيني بڻائي ڪارڪردگي کي وڌيڪ بهتر بڻايو وڃي.سٺو ڪم ڪندڙ آفيسرن ۽ جوانن جي حوصلا افزائي ڪئي ويندي.بعد ۾ ايس ايس پي آفيس جي مختلف سيڪشنز ۽ برانچن جو دورو ڪري آفيس جي ڪم جو جائزو ورتو، انچارج ۽ پوليس عملدارن کان معلومات پڻ ورتي.