English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
مورو ويجھو ھائير سيڪنڊري اسڪول سڌوجا ۾ ميگا اسڪالرشپ انٽري ٽيسٽ منعقد
80 views
|
06th Mar 2024
•
سنڌي خبرون
مورو ويجھو ھائير سيڪنڊري اسڪول سڌوجا ۾ ميگا اسڪالرشپ انٽري ٽيسٽ منعقد
مورو( جاني جماڻي) مورو ويجھو گورنمينٽ ھائير سيڪنڊري اسڪول سڌوجا ۾ اسٽوڊنٽس فيڊريشن ڀريا سٽي طرفان ميگا اسڪالرشپ انٽري ٽيسٽ ڪرائي وئي جنهن ۾ اسڪول جي شاگردن ۽ شاگردياڻين ڀرپور طريقي سان ٽيسٽ ۾ حصو ورتو هن انٽري ٽيسٽ ۾ تعليمي ماهرن استادن مختلف پرائيويٽ اسڪولن جي سربراهن، اديبن، صحافين پڻ وزٽ ڪيو جتي شاگردن ۽ شاگردياڻين جي محنت ۽ ذھانيت کي ساراهيو ۽ شاگردن کان ٽيسٽ بابت سوال جواب پڻ ڪيا. ھن ميگا اسڪالرشپ انٽري ٽيسٽ شھباز حيدر گجر، عادل کوسو بلوچ، ڪامران حيدر، اون محمد، شھباز مرزا، سھيل آريجو، حفيظ ميمڻ، سرفراز علي، عطاءُ اللہ کوسو، سراج کوسو، ثناءُالله حب، تيمور جوڻيجو، فراز علي جي سربراهي ۾ ڪئي وئي. جڏھن تہ اسڪول جي استادن سر فدا حسين شينو، مختيار ڪلھوڙو، خادم حسين ڪلھوڙو، مجيب الرحمان ٻرڙو ۽ ٻين پڻ خدمتون سرانجام ڏنيون. ان موقعي تي ھنن چيو تہ ھي واحد ٽيسٽ ھئي جنھن ۾ نرسري کان انٽر تائين جي ھزارين شاگردن شاگردياڻين کان ٽيسٽ ورتي وئي آھي ۽ ڪاميابي حاصل ڪندڙن کي اسڪالرشپ سان گڏ لکين رپيا ڪيش انعام ۽ ليپ ٽاپ سرٽيفڪيٽ شيلڊس ڏيڻ جو بندوبست ڪيو ويو آھي ھن سان نہ صرف شاگردن شاگردياڻين ۾ ھڪ تعليمي جذبو پيدا ٿيندو پر والدين جو پڻ اولاد خاص طور تي نياڻين کي پڙھائڻ وارو رجھان پيدا ٿيندو، ھنن چيو تہ اسان اسٽوڊنٽس فيڊريشن ڀريا سٽي جي سرپرست سميت ٽيم کي جس ٿا ڏيون جنهن شاگردن جي اهڙي ميگا انٽري ٽيسٽ ڪرائي شاگردن کي اڳتي آڻڻ جو بهترين قدم کنيو آھي ۽ شاگردن جي ٽيلينٽ کي دنيا آڏو نروار ڪيو آھي هن ميگا اسڪالرشپ انٽري ٽيسٽ ذريعي شاگرد ٻين تعليمي مقابلن ۽ مختلف شعبن جي امتحانن ۾ پاس ٿي اعلي مقام ۽ اعلي عهدن تي پهچي شاگرد پنهنجو پنهنجي اسڪول استادن پنهنجي شھر سنڌ ۽ ملڪ جو نالو روشن ڪندا. جڏھن تہ اسٽوڊنٽس فيڊريشن ڀريا سٽي جي سرپرستي ڪندڙ شھباز حيدر گجر، عادل کوسو بلوچ ۽ ٻين چيو تہ اسان جي فيڊريشن جو مقصد ٻھراڙيءَ جي اسڪولن ۾ پڙھندڙ شاگردن کي اجاگر ڪرڻ آھي جيڪي تعليم جي ميدان ۾ پاڻ کي اڳتي آڻي سگھن، ھي هڪ ڪوشش آھي جيڪا وڏي ڪاميابي سان شاگردن جو مستقبل سنواريندي ڇاڪاڻ تہ تعليم ذريعي هر مشڪل کي آسان بڻائي سگهجي ٿو تعليم انسان کي وڏين مشڪلاتن مان ٻاھر ڪڍي ھڪ منزل ڏانھن وڌائي ٿي، مستقبل جي معمار تعليم جي هر شعبي ۾ پنهنجو پاڻ کي مڃرائين انشاءَالله انهن جي محنت ڪوشش ضرور ساڀيان ٿيندي. ھنن چيو تہ اسان ھن ٽيسٽ ۾ اسڪالر شپ رکي آھي جنھن ۾ نرسري کان انٽر ڪلاس تائين جي محنتي، هوشيار غريب شاگردن جي لاءِ تعليم جي واڌاري لاءِ ٻه لک ڪيش، جڏهن ته جديد تعليم جي حصول لاءِ پاس ٿيندڙ شاگردن کي ليپ ٽاپ پڻ مفت ڏنا ويندا ۽ ھن ٽيسٽ ۾ سڌوجا هائير سيڪنڊري اسڪول، سڌوجا مڊل اسڪول ۽ سڌوجا پرائمري اسڪول جا 1000 کان وڌيڪ شاگردن حصو ورتو آھي پاس ٿيندڙ شاگردن کي 10 سالن جي لاءِ مفت معياري تعليم پڻ مهيا ڪئي ويندي. جڏھن تہ اسٽوڊنٽس فيڊريشن ڀريا سٽي طرفان ميگا اسڪالرشپ انٽري ٽيسٽ ۾ شفافيت رکڻ لاءِ مقرر ڪيل رضاڪارن ۾ اسڪول ھيڊ سر فدا حسين شينو، وحيد رزاق مستوئي، جاويد علي کوسو کان سرٽيفڪيٽ ڏياريا ويا.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
12th Mar 2026
•
تازہ ترین
پاکستان پیپلزپارٹی کے چیئرمین بلاول بھٹو زرداری کی نہال ہاشمی کو سندھ کا گورنر بننے پر مبارک باد
12th Mar 2026
•
تازہ ترین
صدرِ مملکت آصف علی زرداری کی نہال ہاشمی کو گورنر سندھ تعینات کرنے کی منظوری
12th Mar 2026
•
تازہ ترین
علاقائی کشیدگی: عوام کے لیے بری خبر، پٹرولیم وزیر نے خطرے کی گھنٹی بجا دی
12th Mar 2026
•
تازہ ترین
اہم سیاسی شخصیات اور اعلیٰ عہدہ داروں کے قریبی افراد کاروبار نہیں کر سکیں گے، ریگولیشنز تیار
12th Mar 2026
•
سنڌي خبرون
ٺٽو: مڪلي باءِ پاس موڙ وٽ ڊمپر جهوپڙي مٿان چڙهي ويو،ماءُ ڌيءَ ۽ پٽ سميت فوت
12th Mar 2026
•
سنڌي خبرون
ميرواھ گورچاڻي ڀرسان مسافر ڪوچ جو 2موٽرسائيڪلن کي ٽڪر، پيءُ ڌيءَ سميت 4 ڄڻا فوت
12th Mar 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: هاشم خاصخيلي ڳوٺ جي سيوريج لائين ۾ غيرقانوني ڪنيڪشن لڳائڻ خلاف احتجاج
12th Mar 2026
•
سنڌي خبرون
شاهه لطيف ٽائون واسڻ عورت جو ٿاڻي اڳيان احتجاج جو نوٽيس, ايس ايس پي انويسٽيگيشن اڻ ڌري جاچ جو حڪم ڏئي ڇڏيو
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
مورو
ھائير سيڪنڊري اسڪول سڌوجا
اسٽوڊنٽس فيڊريشن ڀريا سٽي
0 تبصرے