تعليم ڪنهن به ملڪ جي ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري ٿي: ڊي سي سجاول عبدالواجد شيخ

تعليم ڪنهن به ملڪ جي ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري ٿي: ڊي سي سجاول عبدالواجد شيخ

تعليم ڪنهن به ملڪ جي ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري ٿي: ڊي سي سجاول عبدالواجد شيخ

سجاول (رپورٽر) تعليم ڪنهن به ملڪ جي ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري ٿي. عبدالواجد شيخ ,دنيا سان مقابلو ڪرڻ لاءِ جديد تدريسي طريقا اختيار ڪرڻ ضروري آهن. ڊپٽي ڪمشنر عبدالواجد شيخ چيو آهي ته تعليم ڪنهن به ملڪ جي ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪندي آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن گورنمينٽ گرلز هاءِ اسڪول سجاول جي انتظاميه پاران منعقد ڪيل ڊجيٽل ڪلاس روم ۽ ليبارٽري جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. ڊپٽي ڪمشنر چيو ته ڊجيٽل انقلاب سکيا جو انداز تبديل ڪري ڇڏيو آهي جڏهن ته وقت ۽ جڳهه جي پابندي هاڻي تعليم لاءِ ڪو مسئلو ناهي رهي. هن تدريس ۽ سکيا ۾ ٽيڪنالاجي جي استعمال تي زور ڏنو. هن چيو ته تعليم ئي سماج کي مضبوط، مستحڪم ۽ خوشحال بڻائڻ جو بهترين وسيلو آهي، دنيا بدلجي رهي آهي، اسان کي سڄي دنيا سان گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو، نوجوانن ۾ قوم جي تقدير بدلائڻ جي صلاحيت آهي، دنيا ۾ تعليم ۽ سکيا جا جديد طريقا اختيار ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته ضلعي جي سمورن تعليمي ادارن جي بهتري لاءِ ڪوششون جاري رکيون وينديون. هن اسڪول ۾ هلندڙ مهيني سولر سسٽم لڳائڻ جو پڻ يقين ڏياريو. ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر گذريل سائنس فيسٽيول ۾ نمايان پوزيشنون حاصل ڪندڙ شاگردياڻين ۾ تعريفي سرٽيفڪيٽ ۽ شيلڊون ورهايون ۽ 50 ھزار رپيا نقد انعام جو اعلان پڻ ڪيو. ھُن بھترين سائنس ٽيچر مس شازيہ لُنڊ کي شيلڊ جڏھن تہ چيف سائنس ٽيچر جيجي صدف شاھ کي ڊائري جو تحفو پيس ڪندي سائنس فيڪلٽي جي سموري ٽيم جي ڪوششن کي ساراهيو ۽ مستقبل ۾ پنھنجي مڪمل تعاون جو يقين پڻ ڏياريو. بعد ۾ ڊپٽي ڪمشنر اسڪول جي احاطي ۾ ٻوٽا لڳائي وڻڪاري مهم جو افتتاح ڪيو. تقريب کي خطاب ڪندي پروگرام آرگنائيزر ۽ چيف مانيٽر نصير ميمڻ، ڊسٽرڪٽ ايجوڪيشن آفيسر سيڪنڊري پيار علي خواجه، ڊي ڊي اي او اشرف شاعر، استادن ۽ شاگردياڻين سائنس بابت پنهنجي خيالن جو اظهار ڪندي جديد تعليم تي روشني وڌي. تقريب ۾ ڊي اي او پرائمري عنايت الله کٽي، ڊي ڊي اي او اسلم پرويز خواجه، ٽي اي او ذاڪر، چائلڊ پروٽيڪشن آفيسر مهرين سومرو ۽ ڊپٽي ڊائريڪٽر سوشل ويلفيئر پڻ موجود هئا.