سنڌ يونيورسٽي ڪئمپس نوشھروفيروز ۾ شاگردن ۽ شاگردياڻين جي پراجيڪٽس جي نمائش

سنڌ يونيورسٽي ڪئمپس نوشھروفيروز ۾ شاگردن ۽ شاگردياڻين جي پراجيڪٽس جي نمائش

سنڌ يونيورسٽي ڪئمپس نوشھروفيروز ۾ شاگردن ۽ شاگردياڻين جي پراجيڪٽس جي نمائش

نوشهرو فيروز(ڊر)سنڌ يونيورسٽي ڪئمپس سيد الهندو شاهه نوشهرو فيروز ۾ ڪمپيوٽر سائنس ۽ انفارميشن ٽيڪنولاجي 2k20 بيچ جي شاگردن ۽ شاگردياڻين ڊپارٽمينٽ جي استادن خالد شيخ، راحيل ارشد، صبا ميمڻ، عدنان ابوپوٽو ۽ ٻين جي نگراني ۾ آخري سال جي مناسبت سان جديد تحقيقي بنيادن تي تيار ڪيل سافٽويئر ۽ ھارڊويئر پروجيڪٽس جي نمائش منعقد ٿي جنهن جو افتتاح ڪئمپس جي پرو وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر اظهر علي شاهه ڪيو جنهن ۾ مهمانن طور ايم اين اي ابرار علي شاهه، ايس ايس پي نوشهرو فيروز محترمه سهائي عزيز ٽالپر، ھائير ايجوڪيشن ڪميشن جي ميمبر پروفيسر ڊاڪٽر مقبول احمد حسين شاھ، آئي بي سکر يونيورسٽي جي ڊين پروفيسر ڊاڪٽر مدد علي شاھ ۽ ٻين شرڪت ڪئي. نمائش ۾ پيش ڪيل پروجيڪٽس ۾ پهريون انعام شهباز حيدر ۽ انيب ميمڻ حاصل ڪيو، جن روبوٽڪس ۽ مصنوعي ذھانت وسيلي خودڪار روبوٽ تيار ڪيو جيڪو ايمرجنسي جي حالت ۾ باهه تي پاڻي وسائي ان کي ختم ڪري ڇڏي ٿو. ٻيون انعام ڪاشف علي، صدف، فيصل ساند ۽ ساجد سولنگي حاصل ڪيو جن مصنوعي ذھانت وسيلي خودڪار سسٽم سان روڊ ۾ کٻن جي پيمائش ڪري مرمت لاء گهربل صحي تخمينو تيار ڪيو. ٽيون انعام مبين احمد، اطھر احمد، طاحيٰ حنيف ۽ ابراز وڳڻ حاصل ڪيو جن ٻارن جي تعليم لاء سنڌي اردو ۽ انگريزي ۾ ٻولي سکڻ جي موبائيل اپليڪيشن تيار ڪئي. ان موقعي تي ڪئمپس جي پرو وائيس چانسلر شاگردن جي پروجيڪٽس کي ساراھيندي ٻاھران آيل مھمانن کي ڪئمپس ۾ گهربل وڌيڪ سهولتن جي حاصلات ۽ ڪئمپس کي اپگريڊ ڪري مڪمل يونيورسٽي بنائڻ جو پروپوزل پڻ شيئر ڪيو. ايم اين اي سيد ابرار علي شاهه پروفيسر ڊاڪٽر مقبول احمد حسين شاھ، ڊاڪٽر مدد علي شاهه، ايس ايس پي سهائي عزيز شاگردن ۽ استادن جي ڪوششن کي ساراھيندي پنهنجي مڪمل تعاون جي خاطري ڪرائيندي چيو ته بلاول ڀٽو زرداري يونيورسٽي آف نوشهرو فيروز جي قيام جو اعلان ڪري چڪو آھي ۽ ھاڻي اسين سڀ گڏجي ان اعلان مطابق سنڌ اسيمبلي مان قانون منظور ڪرائڻ لاء پنهنجو ڪردار ادا ڪنداسين ته جيئن نوشهرو فيروز جي عوام کي گهر ويٺي ميڊيڪل، انجنيئرنگ، سائنس ٽيڪنالاجي، ادب ۽ آرٽ سميت سمورن اھم مضمونن ۾ معياري اعليٰ تعليم حاصل ٿي سگهي. آخر ۾ انعام ماڻيندڙ شاگردن ۽ شاگردياڻين ۾ سرٽيفڪيٽس ورھايا ويا.