چانڊيه اتحاد پاڪستان جو اجلاس، خليل احمد چانڊيو کي چيئرمين جي عھدي تان ھٽايو ويو

چانڊيه اتحاد پاڪستان جو اجلاس، خليل احمد چانڊيو کي چيئرمين جي عھدي تان ھٽايو ويو

چانڊيه اتحاد پاڪستان جو اجلاس، خليل احمد چانڊيو کي چيئرمين جي عھدي تان ھٽايو ويو

ڪراچي (رپورٽر)ڪراچي چانڊيا اتحاد پاڪستان جو اجلاس ڪراچي ۾ سڏايو ويو. سمورن ميمبرن اتفاق راءِ سان چیئرمین خليل احمد چانڊيو جي استعيفيٰ منظور ڪندي کيس عهدي تان هٽائي ڇڏيو. ميمبرن جي متفقه راءِ سان ٽن مهينن کانپوءِ ايندڙ چيئرمين جو اعلان ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو. چانڊيا اتحاد پاڪستان سپريم ڪائونسل جي چيئرمين الاهي بخش چانڊيو. غلام فريد چانڊيو. عبدالرسول چانڊيو. امداد علي چانڊيو. محمد مٺل چانڊيو. نور احمد چانڊيو ۽ ٻين جي صدارت ۾ رئيس منظور احمد چانڊيو جي رهائشگاھ تي اجلاس گھرايو ويو. اجلاس ۾ چانڊيا اتحاد پاڪستان جي سرپرست اعلي عبدالرزاق چانڊيو. مرڪزي وائيس چيئرمين رياض حسين چانڊيو. مرڪزي جنرل سيڪريٽري حاجي ناصر چانڊيو. سنڌ جي صدر وسيم اختر چانڊيو. سينيئر نائب صدر رئيس منظور احمد چانڊيو. جنرل سيڪريٽري سعيد احمد چانڊيو. ڪراچي ڊويزن جي صدر غلام مصطفيٰ چانڊيو ۽ ٻين شرڪت ڪئي. ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته اڳوڻي چيئرمين خليل احمد چانڊيو اتحاد پاڪستان جي چيئرمين شپ تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي آهي. جنهن تي اڄ سڏايل اجلاس ۾ سمورن عهديدارن ۽ ميمبرن جي متفقه راءِ سان خليل احمد چانڊيو جي استعيفيٰ منظور ڪئي وئي ۽ اڄ کان خليل احمد چانڊيو جو اسان جي تنظيم چانڊيا اتحاد پاڪستان سان ڪو به تعلق ناهي، جڏهن ته ايندڙ چيئرمين لاءِ ٽن مهينن بعد فيصلو ڪيو ويندو. اجلاس ۾ چيو ويو ته پاڪستان ۾ چونڊيل سمورن عھديدارن کي پنهنجو ڪم جاري رکڻ جي هدايت ڪئي وئي. ان موقعي تي ايڊووڪيٽ اياز علي. ايڊووڪيٽ عمران علي. رئيس منظور علي چانڊيو. شفقت رضا چانڊيو. اعجاز چانڊيو. مير محبوب چانڊيو. غازي خان چانڊيو. حسين بخش سنڌي. صفدر علي چانڊيو. شان چانڊيو. ڊاڪٽر قمر چانڊيو. ضلعي سينٽرل جو اڳواڻ جمال چانڊيو ۽ ٻيا پڻ موجود هئا. ٻئي طرف مخالف ڌر جي خليل احمد چانڊيو چيو ته هڪ مخصوص ٽولو چانڊيا اتحاد پاڪستان ۾ شامل ٿيو آهي. جيڪي اسان جي پليٽ فارم کي نقصان پهچائڻ جي سازش ۾ ملوث آهن. هن چيو ته چانڊيا اتحاد جو اجلاس غير قانوني ۽ غير آئيني طور سڏايو ويو. جنهن جي ڪابه اهميت ناهي. صوبي جي عھديدارن کي ڪوبه اختيار ناھي ته ھو چيئرمين کي هٽائي سگھي. ان لاء فيصلا ڪاميٽي جي چيئرمين ۽ ان جي ڪاميٽي کي اختيار حاصل آھي پر ھنن چيئرمين فيصلا ڪاميٽي کي به اعتماد ۾ ناھي ورتو ۽ ھڪ ڪاميٽي جي ميمبر الاهي بخش چانڊيو کي اجلاس جي چيئرمين جا غير قانوني اختيار ڏئي مونکي ھٽايو ويو آھي جنهن لاء آء اعلي عدالتن ۾ وڃي مخصوص ٽولي خلاف قانوني ڪارروائي ڪندس.