نصيرآباد ۾ قومپرست اڳواڻ ۽ استاد ھدايت اللھ لوھار جي قتل خلاف پنجين ڏينھن بھ احتجاج جاري

نصيرآباد ۾ قومپرست اڳواڻ ۽ استاد ھدايت اللھ لوھار جي قتل خلاف پنجين ڏينھن بھ احتجاج جاري

نصيرآباد ۾ قومپرست اڳواڻ ۽ استاد ھدايت اللھ لوھار جي قتل خلاف پنجين ڏينھن بھ احتجاج جاري

نصيرآباد (رپورٽر) نصيرآباد ۾ پنجين ڏينهن به مقتول قومپرست اڳواڻ ۽ استاد ھدايت الله لوھار جي قاتلن جي گرفتاري لاء مقتول جي ڌيئرن سسئي لوهار ۽ سورٺ لوهار جي اڳواڻي ۾ نوناري محلي کان احتجاجي ريلي ڪڍي پريس ڪلب اڳيان ڌرڻو هنيو ويو آھي ان احتجاجي ريلي ۾ وڏي تعداد ۾ عورتن، شهرين ۽ ڪارڪنن شرڪت ڪئي آھي ان موقعي تي سسئي لوهار چيو ته اڄ قمبر جي عدالت ۾ حاضري هئي عدالتن مان انصاف جي اميد آھي جڏهن ته مقتول هدايت لوهار کي جنهن هنڌ تي گوليون هڻي قتل ڪيو ويو هيو ان جڳهه جا سي سي ٽي وي فٽيج نصيرآباد پوليس وٽ موجود آھي پر پوليس اهيي فٽيج منظر عام تي نٿي آڻي جيڪي فٽيج پوليس لڪائي ڇڏيا آھن جڏھن ته انهن فٽيجن ۾ قاتلن جي موٽرسائيڪل جي گاڏي جو نمبر به چٽو ظاهر آھي پر پوليس قاتلن کي بچائي رهي آھي جيڪڏھن نصيرآباد پوليس قاتلن جا سي سي ٽي وي فٽيجن جي تصويرن مان قاتلن نادرا مان اکين جا ليزر چيڪ ڪرائيندي ته قاتلن جي خبر پئجي ويندي پر پوليس قاتلن جي پُٺڀرائي ڪري رهي آھي جڏھن ته هدايت الله لوهار جو قتل ڪيس نصيرآباد پوليس داخل نه ڪري سگهي آھي جيڪو پوليس جي نااهلي جو ڄٽو ثبوت آھي. ھنن پوليس جي اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو تہ مقتول ھدايت لوھار جي واقعي جو ڪيس داخل ڪري واقعي ۾ ملوث جوابدارن کي گرفتار ڪيو وڃي.