English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
سنڌ جي زمينن تي والار، ٻيٽن ۽ درياءَ تي قبضن ۽ منشيات جي وڪري خلاف جسقم جو احتجاجي مارچ
252 views
|
25th Feb 2024
•
سنڌي خبرون
سنڌ جي زمينن تي والار، ٻيٽن ۽ درياءَ تي قبضن ۽ منشيات جي وڪري خلاف جسقم جو احتجاجي مارچ
ٺٽو( محمد شفيق ڀٽي) سنڌ جي زمينن تي والار، سمنڊ ٻيٽن درياءُ ۽ وسيلن تي قبضي ۽ منشيات جي وڪري خلاف ٺٽي ۾ جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي جي اڳواڻي ۾ احتجاجي ۽ ڌرڻو سوين ڪارڪن جي شرڪت، نعريبازي. ايڌي سينٽر ٺٽو کان جسقم چيئرمين صنعان قريشي, ڊاڪٽر غلام سرور خشڪ، ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي، بابو خشڪ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ جسقم جي سوين ڪارڪنن ۽ اڳواڻن احتجاجي ريلي ڪڍي مارچ ڪري ٺٽي جي مين رڪشا اسٽاپ تي پهچي قومي شاهراھ تي ڌرڻو هنيو ۽ قومي وسيلن جي ڦرلٽ زمينن تي والار ۽ منشيات جي کلي عام وڪري خلاف سخت نعريبازي ڪئي. ان موقعي تي جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي خطاب ڪندي چيو تہ سنڌ کي ڪيڪ سمجهي ڪاٽي سنڌ جي قيمتي زمينن تي والار ڪئي پئي وئي وڃي سامونڊي ۽ ڪوهستاني زمينو لينڊ مافيا هٿان والارجي رهيون آھن سامونڊي ٻيٽن درياءُ ۽ اسانجي سنڌ جي وسيلن جبلن ۽ معدنيات تي قبضو ڪيو ويو آھي ۽ ڌارين کي آباد ڪرايو پيو وڃي، هن چيو ته هٿ وٺي سڄي سنڌ ۾ منشيات کي عام ڪري نوجوان نسل کي تباھ ڪيو پيو وڃي جيڪو هڪ قومي الميو آھي. ھن چيو تہ سنڌ جي بنيادي حقن جي حاصلات زمينن تي والار منشيات جي ڪاروبار پاڻي تي ڌاڙي توڙي تڪراري منصوبن کي فوري طور بند ڪرائڻ جي گُھر ڪندي اعلان ڪيو آھي ته جسقم پاران سنڌ سان ٿيندڙ ناانصافين خلاف مرحليوار تحريڪ جاري رکي ويندي، ھٿ وٺي ڌارين کي ڌرتي تي قابض ڪيو پيو وڃي سنڌ جي وسيلن تي ڌارين جو قبضو ڪرائڻ سان گڏ نوجوانن کي نشي جو عادي بنائڻ لا۽ کلي عام منشيات جو وڪرو جاري آھي چند قبضا گير ۽ منشات فروش رياست کان طاقتور ناھي پر رياست ھٿ وٺي سنڌ کي تباھ ڪري رھي آھي اقتدار جا شوقين سنڌ جي وسيلن ۽ نوجوانن جي موت جي پرواني تي راضي ٿي ويا آھن انھن کي سنڌ ۽ سنڌ جي نوجوانن کان وڌيڪ اقتدار آھي پر اسان کين سنڌ تي قبضو ڪرڻ نہ ڏينداسين. ھن چيو تہ سنڌ ۾ مسڪين ماڻھن لا۽ صحت جون سھولتون ناھين، تعليمي نظام تباھ پرائيوٽ اسپتالن ۽ اسڪول کي ھٿي ڏيئي ڪاروبار ڪيو وڃي پيو قدرتي وسيلن سان مالا مال سنڌ جي عوام کي پنڻ تي مجبور ڪيو آھي معصوم ٻارڙا چونڪن تي خيراتون پيا گھرن ۽ سنڌ جي وسيلن تي ڌارين کي عياشيون ڪرايون پيون وڃن جسقم ھن صورتحال ۾ پنھنجي ماڻھن کي اڪيلو ڪونہ ڇڏيندي، اسان جي جھدوجھد اقتدار لا۽ نہ سنڌ لا۽ اسان لا۽ اول ۽ آخر صرف سنڌ آھي، علمي، ادبي ۽ تاريخي شھر ٺٽو کي چورن، لوفرن، ڪرپٽ ڪامورن ۽ منشيات فروشن جي رحم ڪرم تي ڇڏيو ويو آھي ھزارين نوجوان نشي جا عادي ٿيڻ بعد مختلف ڏوھن جي ور چڙھي ويا آھن پر پوليس منٿليون وٺي ھٿ سان ڀرايون پئي ڪرائي. جسقم وائيس چيئرمين ڊاڪٽر غلام سرور خشڪ خطاب ڪندي چيو تہ سنڌ جي وسيلن تي ڌارين جو قبضو آھي، پيپلز پارٽي سندن سھولتڪار بڻيل آھي. ھن چيو تہ ھڪ طرف ڪينجھر ڍنڍ مان ڪراچي کي روزانو پاڻي فراھم ٿي رھيو آھي تہ ٻئي طرف ٺٽي جا ماڻھو مھينن کان پيئڻ جي پاڻي لاءِ ترسي رھيا آھن، ٺٽي جي ڪوھستاني ۽ سامونڊي پٽي جي ھزارين ايڪڙ زمين ڀڳڙن مٺ عيوض غير مقامي ماڻھن حوالي ڪئي پئي وڃي. جسقم جي سينيئر اڳواڻ ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي خطاب ڪندي چيو تہ جيڪي اليڪشن کٽي آيا آھن اھي سنڌ جا نمائندا ناھن سنڌ جا نمائندا ڳاڙھي جھنڊي وارا آھن، اسيمبلي سنڌ جي آھي پر ان کان وڌيڪ ٻي بي حسي ڪھڙي ٿيندي جو سنڌ اسيمبلي ۾ افغاني پٽڪو پائي اچي حلف کڻي ٿو. سنڌ حڪومت ڌارين کي سگھارو ڪيو آھي. ان موقعي تي جسقم جي مرڪزي اڳواڻن ديدار شام، مومن سمون جساف جو مرڪزي صدر اشرف ڪلهوڙو، غلام نبي کٽي، نظام جوکيو، اسد گوپانگ، بابو جان خشڪ، سراج سرور خشڪ، محمد علي شيخ، ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
یورپ میں ریکارڈ توڑ گرمی، اموات کی تعداد 1500 تک پہنچ گئی
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایران جوہری ہتھیار نہ رکھنے پر راضی ہے: صدر ٹرمپ
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایرانی اور فرانسیسی وزرائے خارجہ کے درمیان رابطہ، مفاہمتی یادداشت پر تبادلہ خیال
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایران اور امریکہ کے درمیان آئندہ دنوں میں کسی ملاقات کا شیڈول طے نہیں: ایرانی وزارت خارجہ
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: شاهه لطيف ٽائون ۾ پوليس مقابلو، هڪ مبينا ڏوهاري مارجي ويو، ساٿي فرار
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: شاهه لطيف ٽائون ۾ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ نوجوان قتل
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
گڏاپ جي 42 ڳوٺن لاءِ منظور ٿيل بلڪ واٽر سپلاءِ اسڪيم مان پاڻي چوري، علائقي واسين جو سخت احتجاج
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
سجاول پوليس پاران ربڏنو جت جي قتل ۾ ملوث 2 جوابدار گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
جسقم
سنڌ
Sindh
JSQM
sanan qureshi
0 تبصرے