شھدادپور ٿاڻي تي سول جج ۽ جوڊيشل مئجسٽريٽ جو ڇاپو، باندي بڻايل 5 شھري بازياب، ايس ايڇ او رڪارڊ سميت طلب

شھدادپور (رپورٽر) شھدادپور ٿاڻي تي سول جج ۽ جوڊيشل مئجسٽريٽ پاران ڇاپو، مبينا باندي بڻايل 5 شھري بازياب، ايس ايڇ او رڪارڊ سميت طلب، شهر جي شاهي بازار واسي اويس راجپوت کي مبينا باندي بڻائڻ خلاف سندس والد سعيد راجپوت طرفان سيشن ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪرائي وئي، درخواستگذار سعيد راجپوت جو موقف ھو تھ پوليس پٽ اويس کي ناحق گرفتار ڪري باندي بڻائي رکيو آهي، ساڻس ملڻ به نه ٿو ڏنو وڃي، داخل درخواست تي عدالتي حڪم بعد سول جج ۽ جوڊيشل مئجسٽريٽ فياض علي ميتلو شھدادپور ٿاڻي تي ڇاپو هڻي لاڪپ سميت سموري ٿاڻي جي چڪاس ڪئي جج جي ڇاپي دوران باندي شخص اويس راجپوت سميت بنا ايف آءِ آر جي ٿاڻي تي ويهاريل پرڪاش، شان شيخ، راشد چانڊيو ۽ ورميو ڀيل کي بازياب ڪرايو ويو معزز جج ايس ايڇ او شھدادپور کي سڀاڻ سيشن ڪورٽ ۾ رڪارڊ سميت پيش ٿيڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو