حيدرآباد: ايس ايس پي پاران ضلعي جي 12 ٿاڻن تي ايس ايڇ اوز جون مقرريون ۽ بدليون

حيدرآباد: ايس ايس پي پاران ضلعي جي 12 ٿاڻن تي ايس ايڇ اوز جون مقرريون ۽ بدليون

حيدرآباد: ايس ايس پي پاران ضلعي جي 12 ٿاڻن تي ايس ايڇ اوز جون مقرريون ۽ بدليون

حيدرآباد(بيورو)، ايس ايس پي حيدرآباد ضلعي جي 12 ٿاڻن تي ايس ايڇ اوز جون مقرريون ۽ بدليون ڪري ڇڏيون، هٽڙي، هوسڙي، حسين آباد، ڀٽائي نگر ۽ ٻڍاڻي ٿاڻن تان ايس ايڇ اوز کي هٽائي لائين حاضر ڪيو، امجد احمد شيخ فورٽ ٿاڻي تان عثمان شر کي بدلي ڪري ايس ايڇ او ٽنڊو ڄام مقرر ڪيو، ٽنڊو ڄام ٿاڻي تان قربان عاقلاڻي بدلي، راهوڪي ٿاڻي تي ايس ايڇ او مقرر، راهوڪي ٿاڻي تي مقرر ايس ايڇ او حسين علي شاهاڻي کي هٽڙي ٿاڻي تي بدلي ڪيو، هٽڙي ٿاڻي تان زاهد جهتيال کي هٽائي لائين حاضر ڪيو، ٽنڊو يوسف ٿاڻي تان آفتاب ميمڻ کي بدلي ڪري هوسڙي ٿاڻي تي مقرر ڪيو، هوسڙي ٿاڻي تي مقرر غلام عباس ٻٻر کي هٽائي لائين حاضر ڪيو، سائيٽ ٿاڻي تان رياض سبزوئي کي هٽائي ايس ايڇ او حالي روڊ مقرر ڪيو، پوليس لائين ۾ پوسٽنگ جي انتظار ۾ ويٺل اختر پنهور کي ايس ايڇ او سائيٽ مقرر ڪيو، سٽي ٿاڻي تان مظفر خالدي کي بدلي ڪري حسين آباد ٿاڻي تي ايس ايڇ او مقرر ڪيو، حسين آباد ٿاڻي تان سيف الله ٻگهيو کي بدلي ڪري لائين حاضر ڪيو ويو، ڀٽائي نگر ٿاڻي تي مقرر اصغر تنيو کي هٽائي لائين حاضر ۽ پوليس لائين ۾ پوسٽنگ جي انتظار ۾ ويٺل اسلم پرويز ابڙو کي ايس ايڇ او ڀٽائي نگر مقرر ڪيو، سينيئر انويسٽيگيشن آفيسر سائيٽ انسپيڪٽر عمران رشيد کي بدلي ڪري سٽي ٿاڻي تي ايس ايڇ او مقرر ڪيو ويو، حسين آباد ٿاڻي تان فراز احمد ميمڻ بدلي، ٽنڊو يوسف ٿاڻي تي ايس ايڇ او مقرر، پوليس لائين مان ساجد آرائين کي ايس ايڇ او بي سيڪشن مقرر ڪيو، ٻڍاڻي ٿاڻي تي قربان سنجراڻي کي ايس ايڇ او مقرر ڪيو، بدلين ۽ مقررين بابت امجد احمد شيخ پاران نوٽيفڪيشن به جاري ڪيو ويو