شڪارپور پوليس پاران آءِ جي سنڌ ۽ ڊي جي آءِ لاڙڪاڻي جي ھدايتن تي سنيپ چيڪنگ جاري

شڪارپور پوليس پاران آءِ جي سنڌ ۽ ڊي جي آءِ لاڙڪاڻي جي ھدايتن تي سنيپ چيڪنگ جاري

شڪارپور پوليس پاران آءِ جي سنڌ ۽ ڊي جي آءِ لاڙڪاڻي جي ھدايتن تي سنيپ چيڪنگ جاري

شڪارپور ( احسان ابڙو ) آءِ جي سنڌ رفعت مختار راجا ۽ ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو ناصر آفتاب جي خاص هدايتن تي شڪارپور پوليس پاران ضلعي ۾ جرنل اليڪشن 2024 جي حوالي سان جنرل هولڊاپ ۽ سنيپ چيڪنگ.ايس ايس پي شڪارپور ڊاڪٽر محمد عمران خان جي نگراني ۾ تمام ايس ڊي پي اوز، ايس ايڇ اوز جرنل اليڪشن 2024 جي حوالي سان اسنيپ چيڪنگ ۽ جنرل هولڊ اپ ۾ شامل آهن.ضلعي شڪارپور جي مختلف روڊن ۽ شاهراهن تي پوليس جي اسنيپ چيڪنگ جاري.اسنيپ چيڪنگ ايندڙ عام چونڊن کي نظر ۾ رکندي اسٽريٽ ڪرائم کي روڪڻ ۽ ڏوهارين کي منهن ڏيڻ لاءِ چيڪنگ ڪئي پئي وڃي.شڪي گاڏين، موٽر سائيڪلن تي سوار ماڻهن جي چيڪنگ ڪئي پئي وڃي. نيشنل هاءِ وي ۽ خاص ڪري سٽي سرڪل جي داخلي ۽ خارجي رستن تي پوليس جي وڏي نفري کي مقرر ڪيو ويو آهي. ته جئين ايمرجنسي واري صورتحال کي منهن ڏنو وڃي ڏوهارين جي سڃاڻپ لاءِ تلاش ڊيوائس پڻ استعمال ڪئي پئي وڃي. اسنيپ چيڪنگ جو مقصد ايندڙ جرنل اليڪشن 2024 ۾ اڻ وڻندڙ واقعن کي روڪڻ ۽ ڏوهارين کي گرفتار ڪرڻ آهي.ايس ايس پي شڪارپور ضلعي جي ايس ايڇ اوز کي هدايت ڪئي ته هو اسنيپ چيڪنگ دوران شهرين سان سٺو رويو رکن.عوام جي جان و مال جو تحفظ شڪارپور پوليس جي اولين ترجيح آهي.