ڏوڪري ۾ پ پ اميدوارن جون چونڊ سرگرميون زور شور سان جاري، سومرا برادري پاران جلسو

ڏوڪري ۾ پ پ اميدوارن جون چونڊ سرگرميون زور شور سان جاري، سومرا برادري پاران جلسو

ڏوڪري ۾ پ پ اميدوارن جون چونڊ سرگرميون زور شور سان جاري، سومرا برادري پاران جلسو

ڏوڪري(اظهر ميمڻ) ڏوڪري ۾ اليڪشن چهچٽو، پيپلزپارٽي جي اميدوارن ورڪر مهم جاري، پ پ سٽي ڊپٽي سيڪريٽري شهمير علي ميراڻي ۽ ميراڻي برادري پاران سومرا شادي حال ۾ جلسو معنقد ڪيو ويو. پاڪستان پيپلزپارٽي جي قيادت پاران نامزد ڪيل اين اي 195 اميدوار نظير احمد خان ٻگهيو، پي ايس 13 جي اميدوار عادل الطاف حسین انڙ جي حمايت ڪندي شهمير علي ميراڻي ۽ ميراڻي برادري پاران ڏوڪري ۾ سومرا شادي حال ۾ جلسو معنقد ڪيو ويو، جلسي ۾ اين اي 195 پيپلزپارٽي اميدوار نظير احمد خان ٻگهيو، ياسر خان ٻگهيو، پ پ تعلقي جنرل سيڪريٽري علي ڏنو خان گاڏهي، پ پ ضلعي ڊپٽي جوائنٽ سيڪريٽري فدا حسين ڦلپوٽو، پ پ سٽي صدر قاضي جميل احمد جوڻيجو، پ پ تعلقي نائب صدر علي بخش ميتلو، پ پ تعلقي اڳواڻ ايڊووڪيٽ قاضي ديدار احمد جوڻيجو، اڳوڻو ٽائون چيئرمين لياقت علي سومرو، زوار فدا حسين ابڙو، پ پ تعلقي ڊپٽي جنرل سيڪريٽري نياز حسين سوهو، پ پ سٽي نائب صدر شوڪت علي سومرو، صحبت علي جسڪاڻي، حبيب ﷲ کوکر، وڏيرو شمن خان جوڻيجو، پ پ منيارٽي تعلقي صدر انيل ڪمار گيانچنداڻي، فقير محمد سومرو، محمد کوکر، منظور کوکر، يوسي بخش جتوئي اڳواڻ منظور حسين ميراڻي، سپاف تعلقي صدر قاضي نور حسين، علي اصغر ميمڻ، حبيب ﷲ عالماڻي، رياض حسين ڀٽو، آغا جلباڻي، غلام قادر ميمڻ، محمد سليم واڍو، همٿ علي جتوئي، زاهد گل ميراڻي، ذوالفقار جوڻيجو، تنوير ميراڻي، امان ﷲ سومرو، پ پ ليبر بيورو تعلقي صدر اڪبر قريشي، مجيب ميراڻي، ميهر علي ميراڻي، اظهار حسين ميراڻي ۽ ٻين شرڪت ڪئي. ان موقعي تي جلسي کي اين اي 195 ايم اين اي اميدوار نظير احمد خان ٻگهيو، ضلعي ڊپٽي جنرل سيڪريٽري فدا حسين ڦلپوٽو، پ پ تعلقي جنرل سيڪريٽري علي ڏنو خان گاڏهي، پ پ سٽي صدر قاضي جميل احمد جوڻيجو، شهمير علي ميراڻي، لياقت علي سومرو ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته پاڪستان پيپلزپارٽي واحد جماعت آهي جيڪا اقتدار ۾ اچڻ دوران بيروزگاري جي خاتمو آڻڻ لاءِ نوجوانن کي روزگار فراهم ڪندي آهي ۽ ملڪ ۾ خوشحالي آڻيندي آهي هنن چيو ته پاڪستان پيپلزپارٽي انتقامي سياسي تي يقين ناهي رکندي پارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري واضع چئي رهيو آهي ته پاڪستان پيپلزپارٽي اقتدار ۾ اچڻ بعد سياسي انتقامي وارو رواج ختم ڪنداسين، ڪير به سياسي قيدي نه رهندو. هنن چيو ته تڪ پي ايس 13 ۽ تڪ اين اي 195 پاڪستان پيپلزپارٽي پهرين به ترقياتي ڪم ڪرايا آهن پيپلزپارٽي جا اميدوار کٽي اچڻ کان بعد ترقياتي ڪم ڪرائي عوام کي ڀرپور رليف فراهم ڪندا. هنن چيو ته 8 فيبروري پاڪستان پيپلزپارٽي جي اميدوار جي فتع ۽ مخالفن جي لاءِ شڪست جو ڏهاڙو ثابت ٿيندو. پي ايس 13 ۽ اين اي 195 جو عوام 8 فيبروري تي ٿيندڙ چونڊن ۾ ڀرپور شرڪت ڪري وڌ کان وڌ تير جي نشان تي ٺپو هڻي پاڪستان پيپلزپارٽي جي اميدوار ايم اين اي نظير احمد خان ٻگهيو ۽ ايم پي اي اميدوار عادل الطاف حسین انڙ کي اڪثريت سان ڪامياب ڪري پيپلزپارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري کي وزير اعظم بڻائيندو.