مورو ۾ پ پ اميدوار ضياءَ الحسن لنجار جي اليڪشن جي سلسلي ۾ جلسو منعقد

مورو ۾ پ پ اميدوار ضياءَ الحسن لنجار جي اليڪشن جي سلسلي ۾ جلسو منعقد

مورو ۾ پ پ اميدوار ضياءَ الحسن لنجار جي اليڪشن جي سلسلي ۾ جلسو منعقد

مورو (رپورٽر) مورو ويجھو نيشنل ھاء وي 4 ميل اسٽاپ وٽ ٻگھيا برادري جي معزز شخصيت حاجي خالد حسين ٻگھيو پاران پاڪستان پيپلز پارٽي پي ايس 35 جي اميدوار ضياءَ الحسن لنجار اليڪشن ورڪ جي سلسلي ھڪ عظيم الشان جلسو منعقد ڪيو ويو جنھن ۾ ٻگھيا برادري سميت ٻين مختلف برادرين جي معززين غريب مسڪين ھارين مزدورن پورھيتن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي حاجي خالد حسين ٻگھيو جي طرفان پي پي ايس 35 جي اميدوار ضياءَ الحسن لنجار کي بوسڪي جو پٽڪو پارايو ۽ آيل سڀني معزز مھمانن کي ٽوپي ن ۽ اجرڪن جا تحفا پيش ڪيا ويا. جلسي ۾ پھچڻ تي ضياءَ الحسن لنجار گيتن تي جھمريون ھڻي گلن جي ورکا ڪري نعرا ھڻي شاندار استقبال ڪيو. ان موقعي تي پي ايس 35 جي اميدوار ضياءَ الحسن لنجار خطاب ڪندي چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي عوامي پارٽي آهي جنهن ۾ عوام جا لاتعداد پروگرام آهن جيڪا اقتدار ۾ اچي عوام جا مسئلا ۽ مشڪلاتون حل ڪندي ھن چيو ته حاجي خالد حسين ٻگھيو جا شڪر گذار آھيون جنهن ھي عاليشان جلسو منعقد ڪرايو آهي ۽ اسان کي مان بخشيو آهي ھن چيو ته مونکي ٻگھيا برادريءَ تي فخر آهي جن ھميشه اسان سان نڀايو آهي ھاڻي به يوسي گچيرو جي عوام وڏي اڪثريت سان ووٽ ڏئي ڪامياب ڪرائيندي ۽ انشاءاللّه اسان ڪامياب ٿي عوام جي اميدن تي پورو لهڻ جي ڪوشش ڪنداسين، ھن چيو تہ پنھنجي اھا ڪوشش رھي تہ علائقي جي مسئلن کي ترجيحي بنيادن تي حل ڪريون ۽ ڪامياب ٿي سمورا مسئلا اوھان سان گڏجي حل ڪري ڏيکارينداسين. تقريب کي پاڪستان پيپلز پارٽي ضلع نوشھرو فيروز جي صدر رئيس فيروز احمد جمالي خطاب ڪندي چيو ته ھن علائقي جي عوام ھميشھ ڪلھو ڪلھي سان ملائي نڀايو آھي ۽ اھي وسرڻ جھڙيون ڳالھيون ناھن انشاءَالله 8 فيبروري پيپلز پارٽي جي فتح جو ڏينهن آهي 8 فيبروري تي عوام گهرن کان ٻاهر نڪري پولنگ اسٽيشن تي پهچي ووٽ ڪاسٽ ڪري ته جيئن پيپلز پارٽي جا اميدوار وڏي اڪثريت سان ڪامياب ٿي اوهان جي خدمت ڪري سگهن اسان جو پي ايس 35 تي اميدوار ضياءَ الحسن لنجار آهي جڏهن ته اين اي 206 تي ذوالفقار علي بھڻ جنهن جو انتخابي نشان تير آهي تير جي ڪاميابي عوام جي ڪاميابي آھي ۽ اوھان جو ھڪ ووٽ وڏي طاقت رکي ٿو جنھن طاقت سان اوھان ۽ اسان جو محبوب ليڊر پارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداريءَ ملڪ جو وزير اعظم بڻجندو. جڏھن تہ خطاب ڪندي فقيراڻي طبعيت رکندڙ معزز شخصيت حاجي خالد حسين ٻگھيو خطاب ڪندي چيو تہ اسان ھميشھ پيپلز پارٽيءَ سان نڀايو آھي ڏک درد تڪليفون وقتي ھونديون آھن جيڪي انشاءَالله اوھان پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي اميدوارن جي کٽي اچڻ کانپوءِ ختم ٿي وينديون اسان کي ٻيو ڪجھ بہ گھرجي بس جيڪي بنيادي حق آھن اھي ڏياريا وڃن ھي جيڪي عوام اھي انھي ۾ سمورا غريب مسڪين پورھيت مزدور طبقي سان واسطو رکندڙ آھن جيڪي اميدن رکن ٿا ۽ ھي اوھان کي ووٽ ڏئي ڪامياب ڪندا. ھن جلسي ۾ ايم اين اي ذوالفقار علي بھڻ جو ڀاءُ عزيز احمد بھڻ، وڏيرو حاجن جيسر، اڪرم شيخ، شھاب الدين ملاح، انجنيئر ڪرم الله ٻگھيو، رئيس الاھي بخش ٻگھيو، انجنيئر معراج محمد ٻگھيو، ايڊووڪيٽ محمد علي ٻگھيو، عبدالجبار ٻگھيو، امداد حسين ٻگھيو، آصف علي ميمڻ، رئيس رحيم بخش زرداريءَ، عابد علي زرداريءَ، اشرف ٻگھيو ۽ ٻيا پڻ وڏي انگ ۾ موجود ھئا جڏھن تہ حاجي خالد حسين ٻگھيو طرفان جلسي ۾ موجود صحافين جاني جماڻي ظفر پنهور رائو عزيز راجپوت قاسم جاني ٻگهيو کي اجرڪن جا تحفا پيش ڪيا ويا.