سجاول ۾ ڊي سي ۽ ضلعي رٽرننگ آفيسر عبدالواجد شيخ جي صدارت ھيٺ اجلاس منعقد

سجاول ۾ ڊي سي ۽ ضلعي رٽرننگ آفيسر عبدالواجد شيخ جي صدارت ھيٺ اجلاس منعقد

سجاول ۾ ڊي سي ۽ ضلعي رٽرننگ آفيسر عبدالواجد شيخ جي صدارت ھيٺ اجلاس منعقد

سجاول (رپورٽر) ڊپٽي ڪمشنر ۽ ضلعي رٽرننگ آفيسر سجاول جي صدارت هيٺ عام چونڊن جي تيارين بابت اهم اجلاس منعقد ٿيو, ڊپٽي ڪمشنر ۽ ضلعي رٽرننگ آفيسر سجاول عبدالواجد شيخ جي صدارت هيٺ عام چونڊن جي تيارين بابت ضلعي جي سمورن کاتن جي سربراهن سان دربار ھال ۾ اھم اجلاس منعقد ٿيو، جنهن ۾ ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ون عبدالڪريم سنگراسي، ضلعي مانيٽرنگ آفيسر سيد وجاهت علي، ضلعي اليڪشن ڪمشنر افتخار حسين، ضلعي جي سمورن اسسٽنٽ ڪمشنرن ۽ ريٽرننگ آفيسرن سميت تعليم، صحت، ورڪس سروسز، بلڊنگز، روڊس، پبلڪ هيلٿ، لوڪل گورنمينٽ، روينيو ۽ ٻين مخلتلف کاتن جي عملدارن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ عام چونڊن جي تيارين بابت تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر ۽ ضلعي رٽرننگ آفيسر سجاول عبدالواجد شيخ ضلعي جي سمورن کاتن جي سربراهن کي سختي سان هدايت ڪئي ته هو عام چوندن واري عمل دوران پنهنجي لاڳاپيل کاتن جي عملي کي هر صورت ۾ ڊيوٽي تي حاضري کي يقيني بڻائين. هن ضلعي جي سمورن اسسٽنٽ ڪمشنرن ۽ آر اوز ۽ مانيٽرنگ آفيسرن کي پڻ هدايت ڪئي ته هو باقاعدگي سان فيلڊ ۾ رهن ۽ پنهنجا فرض سنجيدگيءَ سان ۽ پابندي سان سرانجام ڏين، جيڪڏهن فيلڊ ۾ ڪنهن به قسم جو مسئلو پيش اچي ته فوري طور تي آگاہ ڪوي وڃي ته جيئن ان مسئلي کي بروقت حل ڪري سگهجي. هن سمورن لاڳاپيل آفيسرن کي وڌيڪ هدايت ڪئي ته هو پولنگ اسٽيشنن تي سمورين بنيادي سهولتن جي موجودگي سميت بھتر صفائي سٿرائي کي يقيني بڻائي جلد رپورٽ پيش ڪن. هن ورڪس سروسز کاتي جي آفيسرن کي هدايت ڪئي ته پولنگ اسٽيشنن ۾ بجلي جي فراهمي کي يقيني بڻايو وڃي ته جيئن پولنگ عملي ۽ ووٽرن کي ڪنهن به قسم جي پريشاني کي منهن ڏيڻو نه پوي. هن سمورن کاتن جي آفيسرن کي اليڪشن جي پڄاڻي تائين الرٽ رهڻ جي به هدايت ڪئي.