ٺٽي ۾ پ پ اميدوارن جي ورڪ لاءِ شيرازي گروپ جو سرواڻ شفقت شاھھ شيرازي سرگرم

ٺٽي ۾ پ پ اميدوارن جي ورڪ لاءِ شيرازي گروپ جو سرواڻ شفقت شاھھ شيرازي سرگرم

ٺٽي ۾ پ پ اميدوارن جي ورڪ لاءِ شيرازي گروپ جو سرواڻ شفقت شاھھ شيرازي سرگرم

ٺٽو(شفيق ڀٽي) 8 فيبروري تي ملڪ اندر ٿيندڙ عام چونڊن ۾ حصو وٺندڙ اميدوارن پاران پنھنجي چونڊ سرگرمين ۾ تيزي آڻي ڇڏي آھي، ان سلسلي ۾ پ پ پ جي سينيئر اڳواڻ، شيرازي گروپ جي سرواڻ اڳوڻي ضلعي ناظم سيد شفقت حسين شاھ شيرازي پاران پ پ پ پاران نامزد ڪيل پي ايس 75 ٺٽو جي اميدوار سيد رياض حسين شاھ شيرازي ۽ اين اي 225 ٺٽو جي نامزد پ پ پ اميدوار صادق علي ميمڻ جي چونڊ مھم جي سلسلي ۾ ڇتوچنڊ لڳ درگاھ لال پير درگاھ لڳ ڳوٺ حاجي عثمان هيجب ۾ پ پ پ اميدوارن سيد رياض حسين شاھ شيرازي ۽ صادق علي ميمڻ سميت سيد امتياز شاھ شيرازي، سيد تنوير حيدر شاھ شيرازي سان گڏ پھچي ھيجب برادري پاران منعقد ڪيل ڪارنر گڏجاڻي توڙي ڏنل اجياڻي ۾ شرڪت ڪري پ پ پ اميدوارن جي مڪمل حمايت حاصل ڪئي. ان موقعي تي منعقد ڪرايل آجياڻي واري جلسي کي خطاب ڪندي سيد شفقت حسين شاھ شيرازي چيو تہ ھي ھيجب، جاکرن جا راڄ اسانجا ووٽر آھن، جن ۾ اسانجون وڏيون اميدون اھن، ھن چيو تہ 8 فيبروري تي اليڪشن ٿي رھي اھي، جنھن ۾ پ پ پ پاران سيد رياض حسين شاھ شيرازي کي پي ايس 75 ٺٽو ۽ صادق علي ميمڻ کي اين اي 225 ٺٽو تي نامزد ڪيو ويو اھي، جن جو انتخاني نشان تير آھي، انھن تي تير جي نشان تي ٺپو ھهي ڪامياب ڪريو، جيڪا ڪاميابي ھتان جي عوام جي ڪاميابي ھوندي، ان موقعي تي خطاب ڪندي پ پ پ جي نامزد ٿيل اميدواتن سيد رياض حسين شاھ شيرازي ۽ صادق علي ميمڻ چيو تہ اسان سمورين برادرين جا ٿورائتا اھيون، جيڪي اسانجو ساٿ ڏيئي رھيون آھن، ھنن چيو تہ عوام جا جيڪي بہ مسئلا ھوندا اھي اليڪشن بعد ڪامياب ٿي حل ڪيا ويندا، عوام کي گھرجي تہ کين 8 فيبروري تي تير جي نشان تي ٺپو ھڻي ڪامياب ڪن. ھنن چيو تہ اسان بہ عوام سان واعدو ٿا تہ ڪامياب ٿي عوام جا سمورا مسئلا بنا فرق جي حل ڪري کين صحت، تعليم، روزگار، رود، رستي، بجلي، سوئي گئس سميت سموريون بنيادي سھولتون مھيا ڪري ترقياتي ڪمن جو ڄار وڇائي کين پريشانين مان ھميشہ لاء ڇوٽڪارو ڏياريو ويندو، ان موقعي تي عبدالحڪيم ھيجب جاکرو، منظور ھيجب جاکرو، اڪبر ھيجب جاکرو، صالح محمد ھيجب، محمد صديق ڪارو ھيجب، الھڏنو ھيجب، دائود ھيجب ۽ بين پاران آيل مھمانن جو مانائتو استقبال ڪري کين لونگين ۽ اجرڪن جا تحفا پيش ڪري پ پ پ اميدوارن جي مڪمل حمايت جي کين يقين دھاني ڪرائي ويئي، ان موقعي تي ممتاز علي ميمڻ، عبدالجبار سومرو ۽ ٻيا پڻ پ پ پ اميدوارن سان گڏ ھئا.