ڏوڪري ۾ پ پ پاران جشن مولا علي عھ ملھايو ويو, عادل الطاف انڙ ولادت علي عھ جو ڪيڪ ڪاٽيو

ڏوڪري ۾ پ پ پاران جشن مولا علي عھ ملھايو ويو, عادل الطاف انڙ ولادت علي عھ جو ڪيڪ ڪاٽيو

ڏوڪري ۾ پ پ پاران جشن مولا علي عھ ملھايو ويو, عادل الطاف انڙ ولادت علي عھ جو ڪيڪ ڪاٽيو

ڏوڪري (رپورٽر) پاڪستان پيپلزپارٽي اڳواڻ ۽ پي ايس 13 جي اميدوار عادل الطاف حسین انڙ پاران ڏوڪري جي ڀٽائي بازار ۾ پيپلزپارٽي تعلقي ڊپٽي جنرل سيڪريٽري زوار نياز حسين سوهو جي دوڪان تي پهچي مولا ڪائنات اميرالمومنين علي ابن ابي طالب عليہ السلام جن جي ولادت باسعادت جي حوالي ڪيڪ ڪاٽيو ويو. ان موقعي تي پي ايس 13 جي اميدوار ايم پي اي عادل الطاف حسین انڙ ۽ پ پ تعلقي ڊپٽي جنرل سيڪريٽري نياز حسين سوهو جو چوڻ هو ته 13 رجب جي ڏهاڙي تي ڪعبہ ۾ مولا علي ابن ابي طالب عليہ السلام جن جي ولادت باسعادت ٿي آهي ۽ 13 رجب جو ڏهاڙو مومن عيد وانگر جوش جذبي سان ملهائيندا آهن. ان موقعي تي رئيس مظفر چانڊيو، حبيب ﷲ کوکر، محراب علي خاصخيلي، قمرالدين ميتلو، علي اصغر ميمڻ، ذوالفقار علي جتوئي، ضمير ڀٽي ۽ ٻيا عهديدار ۽ ورڪر گڏ هئا.