ميونسپل ڪمشنر ملڪ مجتبيٰ اياز لاڳاپيل آفيسرن سان گڏ واٽر ٽينڪر 10 جو تفصيلي معائنو ڪيو
ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو)ٽائون ميونسپل ڪارپوريشن گڏاپ جي چيئرمين جناب طارق عزيز بلوچ جي خاص هدايتن تي گڏاپ ٽائون جي واٽر ٽينڪر جي مڪمل مرمت ۽ بحاليءَ جو ڪم ڪاميابي سان مڪمل ڪيو ويو۔ ان سلسلي ۾ ميونسپل ڪمشنر ملڪ مجتبيٰ اياز لاڳاپيل کاتن جي آفيسرن سان گڏ واٽر ٽينڪر نمبر 10 جو تفصيلي معائنو ڪيو۔ چيئرمين طارق عزيز بلوچ پنهنجي پيغام ۾ چيو ته گڏاپ ٽائون رقبي جي لحاظ کان هڪ وسيع علائقو آهي، جتي ڪيترين ئي ڏورانهن آبادين ۾ پاڻي جي باقاعده سهولت موجود ناهي۔ اهڙي صورتحال ۾ ٽائون ميونسپل ڪارپوريشن گڏاپ طرفان شهرين کي واٽر ٽينڪرن وسيلي پاڻي جي فراهمي يقيني بڻائي پئي وڃي، جيئن عوام کي ڪنهن به قسم جي تڪليف کي منهن نه ڏيڻو پوي۔ هن وڌيڪ چيو ته عوام کي بنيادي سهولتن جي فراهمي اسان جي پهرين ترجيح آهي ۽ پاڻي جهڙي اهم ضرورت کي پورو ڪرڻ لاءِ سمورا موجود وسيلا استعمال ۾ آندا پيا وڃن۔ واٽر ٽينڪر جي مرمت ۽ بحاليءَ سان مختلف علائقن ۾ پاڻي جي فراهميءَ جو نظام وڌيڪ مؤثر، بهتر ۽ تيز بڻجي سگهندو، جنهن مان گڏاپ جي شهرين کي سڌو فائدو حاصل ٿيندو۔ ان موقعي تي ميونسپل ڪمشنر ملڪ مجتبيٰ اياز چيو ته چيئرمين طارق عزيز بلوچ جي هدايتن تي سپرنٽنڊنٽ انجنيئر (M&E) نور علي جمالي ۽ (AEE) وسيم آرائين فوري قدم کڻندي واٽر ٽينڪر جي مرمت جو ڪم نئين جنريٽر ۽ سپلائي پائپ سميت مڪمل ڪيو۔ هن واضح ڪيو ته عوامي خدمت جي ڪمن ۾ ڪنهن به قسم جي غفلت هرگز برداشت نه ڪئي ويندي ۽ شهرين کي بروقت بلدياتي سهولتن جي فراهمي هر صورت يقيني بڻائي ويندي۔ گڏاپ ٽائون انتظاميا شهري مسئلن جي حل لاءِ مسلسل سرگرم عمل آهي ۽ بلدياتي خدمتن جي معيار کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ لاءِ عملي قدم کڻڻ جو سلسلو جاري رکيو ويندو۔ ان موقعي تي آفيسر ماليات افتخار حسين دايو، ڊائريڪٽر (HRM) همايون عمران خان، ڊائريڪٽر انفارميشن رضوان صابر، انچارج واٽر ٽينڪر اسلم بروهي، ڊپٽي ڊائريڪٽر انڪروچمينٽ رياض حميد بلوچ، ڪمپيوٽر آپريٽر آدم ڊاڊا، پي ايس چيئرمين لعل جان نبي سميت ٻيا آفيسر پڻ موجود هئا۔
0 تبصرے