ڊي سي عمرڪوٽ سان ڊسٽرڪٽ فٽبال ايسوسيئيشن جي وفد جي ملاقات، ٽورنامينٽ جي يادگاري شيلڊ پيش

ڊي سي عمرڪوٽ سان ڊسٽرڪٽ فٽبال ايسوسيئيشن جي وفد جي ملاقات، ٽورنامينٽ جي يادگاري شيلڊ پيش

عمرڪوٽ( رپورٽ:ڪانجي مل رکيسر)ڊي سي عمرڪوٽ سان ڊسٽرڪٽ فٽبال ايسوسيئيشن عمرڪوٽ جي وفد جي ملاقات، ٽورنامينٽ جي يادگاري شيلڊ پيش ڪئي وئي، خبر موجب ڊسٽرڪٽ فٽبال ايسوسيئيشن عمرڪوٽ جي وفد صدر ڊي ايف اي عمرڪوٽ نويد يوسف ڀٽي جي اڳواڻي ۾ ڊپٽي ڪمشنر عمرڪوٽ سان سندس آفيس ۾ ملاقات ڪئي۔ وفد ۾ ڊي ايف اي جنرل سيڪريٽري جميل ڀٽي ۽ سرپرستِ اعليٰ ڪامران ڀٽي زين العابدين شامل هئا۔ملاقات دوران وفد تازو منعقد ٿيل صوبيدار ميجر ريٽائرڊ حاجي ڦول محمد ميموريل فٽبال نائيٽ ٽورنامينٽ 2026 جي ڪامياب انعقاد بابت ڊي سي صاحب کي تفصيلن کان آگاهه ڪيو۔ان موقعي تي ڊسٽرڪٽ فٽبال ايسوسيئيشن عمرڪوٽ طرفان ڊپٽي ڪمشنر نويد الرحمان لاڙڪ صاحب کي ٽورنامينٽ جي يادگاري شيلڊ پيش ڪئي وئي۔ ڊي سي صاحب ٽورنامينٽ جي انعقاد کي ساراهيو ۽ ضلعي ۾ راندين جي واڌاري لاءِ هر ممڪن سهڪار جي خاطري ڪرائي۔ڊي ايف اي عمرڪوٽ جي عهديدارن چيو ته ڊپٽي ڪمشنر ۽ راندين واري کاتي جي سهڪار سان ئي هي ٽورنامينٽ ڪاميابي سان مڪمل ٿي سگهيو۔ هنن اميد ظاهر ڪئي ته ايندڙ وقت ۾ به ضلعي انتظاميا نوجوانن کي راندين جي سرگرمين ڏانهن راغب ڪرڻ لاءِ اهڙن قدمن جو ساٿ ڏيندي۔