ڏوڪري ويجھو پ پ اميدوار نظير ٻگھيو ۽ عادل الطاف انڙ جي حمايت ۾ جلسو

ڏوڪري ويجھو پ پ اميدوار نظير ٻگھيو ۽ عادل الطاف انڙ جي حمايت ۾ جلسو

ڏوڪري ويجھو پ پ اميدوار نظير ٻگھيو ۽ عادل الطاف انڙ جي حمايت ۾ جلسو

ڏوڪري (رپورٽر)ڏوڪري ڀرسان ڳوٺ وڪڙو ۾ گسٽا تعلقي صدر نثار احمد سولنگي، اڳوڻي يوسي چيئرمين غلام حسين سولنگي، شڪيل احمد سولنگي پاران پاڪستان پيپلزپارٽي جي نامزد اميدوار ايم اين اي نظير احمد خان ٻگهيو ۽ ايم پي اي عادل الطاف حسین انڙ جي حمايت ۾ جلسو منعقد ڪيو ويو. جلسي ۾ ايم اين جي اميدوار نظير احمد خان ٻگهيو، ايم پي اي اميدوار عادل الطاف حسین انڙ، پ پ ضلعي نائب صدر محمد علي ٻگهيو، پ پ تعلقي جنرل سيڪريٽري علي ڏنو خان گاڏهي، پ پ سٽي صدر قاضي جميل احمد جوڻيجو، پير بخش جوڻيجو، پ پ تعلقي انفارمیشن سيڪريٽري ايڊووڪيٽ محمد جمن ٻگهيو، محمد نواز ٻگهيو، رئيس مظفر چانڊيو، محمد علي راڄپر، نثار احمد چنو، حبيب ﷲ کوکر، شڪيل مينگل، ذوالفقار علي جتوئي، محمد خان چنو، انجنيئر وقار سومرو، حبيب ﷲ عالماڻي، واجد ٻگهيو، فيروز خان ٻگهيو، علي اصغر ميمڻ، ضمير حسين ڀٽي، فقير محمد سومرو، حافظ رجب سولنگي، منظور ڪٽپر، اطهر ميمڻ، ديدار شيخ، وحيد جوڻيجو، قاضي احسن علي ۽ ٻين ڪارڪنن، همدردن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي ايم اين اي اميدوار نظير احمد خان ٻگهيو، ايم پي اي اميدوار عادل الطاف حسین انڙ، پ پ ضلعي نائب صدر محمد علي ٻگهيو، نثار احمد سولنگي، پ پ اڳواڻ غلام حسين سولنگي، نثار احمد چنو، شڪيل احمد سولنگي خطاب ڪندي چيو ته پاڪستان پيپلزپارٽي جي قيادت هيمشہ عوام جي حقن لاءِ جدوجهد ڪري رهي آهي پارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ۽ شهيد بينظير ڀٽو جي ڇڏيل مشين تي هلندي عوام جي خدمت ڪري رهيو آهي. هنن چيو ته پيپلزپارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري انتقامي سياست تي يقين ناهي رکي رهيو آهي ۽ انتقامي سياست جو خاتمو ڪري رهيو آهي. هن وڌيڪ چيو ته پي ايس 13 تي پيپلزپارٽي اميدوار عادل الطاف حسین انڙ ۽ اين اي 195 تي اميدوار نظير احمد خان ٻگهيو باصلاحيت، عوام دوست، بهادر ليڊر آهن عوام کي گهرجي ته 8 فيبروري تي وڌ کان وڌ گهران نڪري پاڪستان پيپلزپارٽي جي اميدوار سو سيڪڙو ووٽ ڏئي مخالفن کي شڪست ڏين ۽ مخالفن کي هڪ ووٽ به ڪاسٽ نه ڪن. هنن چيو ته انتقامي سياست جي خاتمي جو نشان، ملڪ جي بهتري جو نشان، شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جو نشان، شهيد بينظير ڀٽو جو نشان، عوامي نشان، بلاول ڀٽو زرداري جو نشان، نظير احمد خان ٻگهيو ۽ عادل الطاف حسین انڙ جو نشان تير جو نشان آهي 8 فيبروري تي تير جي نشان تي ٺپو هڻي پيپلزپارٽي جي اميدوارن کي ڪامياب ڪيو وڃي.