ٺٽو: ن ليگ اميدوار رسول بخش جاکرو ھٿ کڻڻ وارين خبرن جي ترديد ڪري ڇڏي
ٺٽو( شفيق ڀٽي) پاڪستان مسلم ليگ ن اين اي 225 ٺٽو جي نامزد اميدوار سردار رسول بخش جاکرو چيو آھي تہ دوست ذميواري جو مظاهرو ڪن، منهنجي هٿ کڻڻ يا رٽائر ٿيڻ بابت سوشل ميڍيا تي هلندڙ خبرون بي بنياد آھن، جن ۾ ڪابہ صداقت ناھي، عوام انھن افواهن تي ڪوبہ ڌيان نه ڏي، ضلعي جي عوام جي مونکي حمايت حاصل ھجڻ ڪري منھنجي پوزيشن مضبوط آھي، آء اليڪشن ڪندس. ھن اھي ڳالھيون چنڊ مھم جي سلسلي ۾ ٺٽي جي مختلف ڳوٺن فقير جو ڳوٺ، بگھاڙ موري ۽ ٻين ڳوٺن ۾ منعقد ڪيل ڪارنر گڏجاڻين کي خطاب ڪندي ڪيو. وڏيرو رسول بخش جاکرو چيو تہ ھو چونڊ پنهنجي مفادن لاء نه پر عوام کي پنھنجا حق ڏيارڻ لاء وڙھان پيو، جنھن ۾ الله پاڪ عوام جي طاقت سان سوڀارو ڪندو. سردار رسول بخش جاکرو چيو تہ مخالف پنھنجي شڪست ڏسي بوکلائپ جو شڪار ٿي ويا آھن، جيڪي اھڙيون ُحرڪتون پيا ڪن، عوام ان طرف ڪوبہ ڌيان نہ ڏي، عوام کي گھرجي تہ کيس 8 جنوري تي شينھن جي نشان تي ٺپو ھڻي ڪامياب ڪرائي، جيڪا ڪاميابي عوام جي ھوندي، آء عوام سان واعدو ٿو ڪريان تہ کين سموريون بنيادي سھولتون مھيا ڪندس. ان موقعي تي ڪيترن ئي برادرين وڏيرو رسول بخش جاکرو کي پنھنجي مڪمل حمايت جي يقين دھاني ڪرائي، وڏيرو رسول بخش جاکرو سان گڏ حاجي حسن جاکرو، وڏيرو اسلم جاکرو، ڀٽو جاکرو، نظير جاکرو ۽ ٻيا گڏ ھئا.
0 تبصرے