ڏوڪري ۾ سارنگيا پاران شھيدن رستم جتوئي، انور چنو ۽ وزير نائچ جي اٺين ورسي ملھائي وئي, سانول خان انڙ ۽ ٻيا شريڪ

ڏوڪري ۾ سارنگيا پاران شھيدن رستم جتوئي، انور چنو ۽ وزير نائچ جي اٺين ورسي ملھائي وئي, سانول خان انڙ ۽ ٻيا شريڪ

ڏوڪري ۾ سارنگيا پاران شھيدن رستم جتوئي، انور چنو ۽ وزير نائچ جي اٺين ورسي ملھائي وئي, سانول خان انڙ ۽ ٻيا شريڪ

ڏوڪري(اظهر ميمڻ) ڏوڪري ۾ سارنگيا پاران شهيد رستم خان جتوئي، شهيد انور چنو، شهيد وزير نائچ جي 8 ورسي جي تقريب رائيس ريسرچ سينٽر ۾ ڪوٺائي وئي آهي. تقريب ۾ پيپلزپارٽي اڳواڻ ڪرنل نظير احمد جتوئي، جي ڊي اي اڳواڻ سانول خان انڙ، سارنگيا جي مرڪزي صدر محمد ملوق اڄڻ، رائيس ريسرچ سينٽر جي ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر اشرف علي سومرو، جنرل سيڪريٽري شريف ڪاٺيو، عبيدﷲ جتوئي، احمد خان جتوئي، علي اڪبر سولنگي، غلام شبير جتوئي، ضمير حسين جتوئي، همٿ علي جتوئي، ڊاڪٽر غلام شبير جوڻيجو، قاضي عزيزالرحمان، خادم حسين سومرو، سڌير پنهور، ايس يو پي اڳواڻ صابر جروار، خالد حسين جوڻيجو، اديب ليکڪ انور ڏنگڙائي، تاج محمد جوڻيجو، انور پنهور، مختيار انڙ، رياض حسين جتوئي، اياز منگي، شعبان چنو، احمد جوڻيجو ۽ ٻين شرڪت ڪئي. ان موقعي تي تقريب کي ڪرنل نظير احمد خان جتوئي، سانول خان انڙ، محمد ملوڪ اڄڻ، احمد خان جتوئي، شريف ڪاٺيو، ڊاڪٽر غلام شبير جوڻيجو، غلام شبير جتوئي، صابر جروار، محمد عثمان منگي خطاب ڪندي چيو ته شهيد رستم خان جتوئي چهري تي مرڪ رکندڙ انسان هو، شهيد رستم خان جتوئي اداري سميت پنهنجي برادري ۽ ٻين ذاتين جي ڀلائي لاءِ جاکوڙيندڙ انسان هو. هنن چيو ته شهيد رستم خان جتوئي، شهيد انور چنو، شهيد وزير نائچ جي وڇوڙي کي 8 سال گذري ويا آهن پر اڄ به اسان جي دلين ۾ زنده آهن، شهيدن کي سرخ سلام پيش ڪريون ٿا.