English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
شڪارپور ۾ ڊسٽرڪٽ رٽرننگ آفيسر الطاف احمد چاچڙ پاران انتهائي حساس پولنگ اسٽيشنن جا دورا
105 views
|
29th Jan 2024
•
سنڌي خبرون
شڪارپور ۾ ڊسٽرڪٽ رٽرننگ آفيسر الطاف احمد چاچڙ پاران انتهائي حساس پولنگ اسٽيشنن جا دورا
شڪارپور (احسان ابڙو)جنرل اليڪشن 2024 جي انتهائي حساس پولنگ اسٽيشنن جو دورو، تفصيل موجب : جنرل اليڪشن 2024 جي انتهائي حساس پولنگ اسٽيشنن جو ڊسٽرڪٽ رٽرنگ آفيسر/ڊپٽي ڪمشنر شڪارپور الطاف احمد چاچڙ، پاڪ آرميءَ جو ميجر سڪندر ۽ پاڪ آرميءَ جا آفيسر، ايس ايس پي شڪارپور ڊاڪٽر عمران خان، رينجرز ڊي ايس آر شڪارپور اعظم خان، رٽرنگ آفيسر/اسسٽنٽ ڪمشنر خانپور ذوهيب اوڍاڻو، اسسٽنٽ ڪمشنر/آر او لکي غلام شاهه راجا دريا خان، آر او/اسسٽنٽ ڪمشنر ڳڙهي ياسين اسدالله کوکر ۽ اليڪشن ڪمشنر شڪارپور جي نمائندي انتهائي حساس پولنگ اسٽيشنن جو دورو ڪيو. خانپور جي انتهائي حساس پولنگ اسٽيشنيون جن ۾ جي پي ايس صوبدار جتوئي، جي پي ايس داروغو، عبدالحق بڊاڻي، ڪوٽ شاهو، عبدالڪريم خوش، حاجي مصري خان، ٻٻر بڊاڻي ۽ شاهه ابراهيم جو دورو ڪيو. لکي غلام شاهه جون ڳوٺ عامل، آنداڻي ۽ ڌاراڻي. ڳڙهي ياسين جون پولنگ اسٽيشنون جن ۾ گولو دڙو، جندو ڪلهوڙو، نوشهرو ابڙو، ٿرڙي اسٽاپ، نبي شاهه وڳڻ ۽ ٻين پولنگ اسٽيشنن جو دورو ڪيو. دوري دوران رٽرننگ آفيسر/اسسٽنٽ ڪمشنر لکي غلام شاهه، خانپور ۽ ڊي ايس پي خانپور يار محمد انتظامن جي حوالي سان بريفنگ ڏني. ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر/ڊسٽرڪٽ رٽرنگ آفيسر الطاف احمد چاچڙ سڪيورٽي انتظامن ۽ اظافي ضرورتن بابت پولنگ عمارتن جي صورتحال کي بهتر بڻائڻ جون هدايتون جاري ڪيون. هن چيو ته چونڊن کي صاف ۽ شفاف نموني بڻائڻ لاءِ سمورن وسيلن کي استعمال ڪيو ويندو ۽ جنرل اليڪشن 2024 کي پرامن بڻايو ويندو.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
13th Mar 2026
•
سندھ
مٹھیانی کے قریب پرانے تنازع پر فائرنگ، عدالت جانے والے 2 افراد قتل
13th Mar 2026
•
پاکستان
کوہستان مالیاتی اسکینڈل: گرفتار ملزم کے گھر کو منجمد کرنے کا حکم معطل
13th Mar 2026
•
دنیا
روس اور ایران عالمی معیشت کو “ہائی جیک” کرنا چاہتے ہیں: برطانوی وزیر خارجہ
13th Mar 2026
•
دنیا
امریکہ کی جانب سے عراق میں گر کر تباہ ہونے والے طیارے میں 4 فوجیوں کی ہلاکت کی تصدیق
13th Mar 2026
•
سنڌي خبرون
صوبائي وزير سيد ذوالفقار علي شاھ جو ناليواري شاعر حليم باغي سان فون تي رابطو
13th Mar 2026
•
سنڌي خبرون
سستو ورتل پئٽرول مھانگو ڪري ھڪ ئي ڏينھن ۾ اربين روپين جي ناجائز ڦرلٽ ڪئي وئي: اياز لطيف پليجو
13th Mar 2026
•
سنڌي خبرون
ھڱورجا مان 6 ڏينهن اڳ مبينا کنڀي گم ڪيل شاگرد جي آزادي لاءِ احتجاج جاري
13th Mar 2026
•
سنڌي خبرون
هڱورجا ۾ بخاري محلي واسين جو احتجاجي مظاهرو
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
شڪارپور
0 تبصرے