درگاهه لواري جي سجاده نشين پاران مختلف تڪن تي پ پ اميدوارن جي حمايت جو اعلان

درگاهه لواري جي سجاده نشين پاران مختلف تڪن تي پ پ اميدوارن جي حمايت جو اعلان

درگاهه لواري جي سجاده نشين پاران مختلف تڪن تي پ پ اميدوارن جي حمايت جو اعلان

ڪراچي ( اسٽاف رپورٽر) درگاهه لواري جي شريف جي نائين سجاده نشين پير محمد صادق قريشي نقشبندي قدس سره جن سنڌ جي مختلف تڪن تي 8 فيبروري تي ٿيندڙ عام چونڊن ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي حمايت جو اعلان ڪري ڇڏيو، درگاهه لواري شريف جي سجاده نشين پير محمد صادق نقشبندي جن سان پ پ جي قيادت ڪراچي ۾ ملاقات ڪري حمايت جو چيو، جنهن کان پوءِ هنن جماعت لواري کي سنڌ اندر پ پ جي مڪمل حمايت جو اعلان ڪندي پنهنجي مريدن کي ووٽ ڏيڻ ۽ سپورٽ ڪرڻ جون هدايتون جاري ڪري ڇڏيون آهن، پير محمد صادق نقشبندي جن کي پنهنجي مريدن کي هدايت ڪئي ته 8 فيبروري تي پيپلز پارٽي جي اميدوارن کي ووٽ ڪامياب ڪيو وڃي .