ٺٽو: ضلعي اليڪشن ڪمشنر محمد عمران آرائين پاران اليڪشن جي حوالي سان هلندڙ ٽريننگ جو دورو

ٺٽو: ضلعي اليڪشن ڪمشنر محمد عمران آرائين پاران اليڪشن جي حوالي سان هلندڙ ٽريننگ جو دورو

ٺٽو: ضلعي اليڪشن ڪمشنر محمد عمران آرائين پاران اليڪشن جي حوالي سان هلندڙ ٽريننگ جو دورو

ٺٽو(شفيق ڀٽي)ضلعي اليڪشن ڪمشنر محمد عمران آرائين ٽريننگ ڪوآرڊينيٽر نعمان احمد عيساڻي ۽ ٻين آفيسرن سان گڏ گورنمينٽ گرلز هاءِ اسڪول مڪلي ۾ قائم ٽريننگ سينٽر جو دورو ڪري عام چونڊن 2024 لاءِ مقرر پرزائيڊنگ ۽ سينيئر اسسٽنٽ پرزائيڊنگ آفيسرن جي ھلندڙ ٽريننگ جو تفصيلي جائزو ورتو. ان موقعي تي ضلعي اليڪشن ڪمشنر محمد عمران آرائين چيو ته پولنگ واري عمل دوران پولنگ اسٽيشنن جي انتظامن ۽ نگراني سميت چونڊون مڪمل ٿيڻ تائين پرزائيڊنگ آفيسرن جو اهم ڪردار هوندو آهي. هن چيو ته چونڊ عمل ۾ پولنگ عملي جو ڪردار انتھائي اهميت جو جوڳو ھوندو آهي جنهن لاءِ کين ٽريننگ ڏني پئي وڃي ته جيئن هو پولنگ دوران پنهنجا فرض بهتر نموني سرانجام ڏئي سگهن. هن تربيت حاصل ڪندڙ پولنگ اسٽاف تي زور ڀريو ته هو پنهنجي تربيت مان ڀرپور فائدو حاصل ڪن ته جيئن اليڪشن دوران ڪنهن به قسم جي شڪايت جو موقعو نه ملي. هُن کين هدايت ڪئي ته هو اليڪشن واري ڏينهن پنهنجا فرض ايمانداري ۽ فرض شناسيءَ سان سرانجام ڏين ته جيئن چونڊ عمل بهتر، صاف، شفاف، آزاد ۽ منصفاڻي طريقي سان مڪمل ٿي سگهي. ضلعي اليڪشن ڪمشنر ايندڙ عام چونڊن جي عمل بابت پرزائيڊنگ ۽ سينيئر اسسٽنٽ پرزائيڊنگ آفيسرن کي تفصيلي آگاهي پڻ ڏني. ان موقعي تي مانيٽرنگ آفيسر نياز احمد ميمڻ، شفيق آرائين ۽ ضلعي انفارميشن آفيسر محفوظ علي سومرو پڻ موجود هئا.