English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
8فيبروري تي عوام جي طاقت سان پ پ ۽ زرداري ٽولي کي شڪست ڏينداسين: اياز لطيف پليجو
171 views
|
19th Jan 2024
•
سنڌي خبرون
8فيبروري تي عوام جي طاقت سان پ پ ۽ زرداري ٽولي کي شڪست ڏينداسين: اياز لطيف پليجو
حيدرآباد(بيورو) قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي پي ايس 60 قاسم آباد حيدرآباد تڪ جي ڳوٺ واڻڪي ڪارنر گڏجاڻي کي خطاب ڪندي چيو تہ 8 فيبروري تي عوام جي طاقت سان پيپلزپارٽي ۽ زرداري ٽولي کي شڪست ڏينداسين پيپلزپارٽي سدائين سنڌ جي جي عوام سان دوکا ڪيا آهن، پيپلزپارٽي ۽ زرداري مافيا کي سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن ڪا بہ محبت ۽ دلچسپي ڪونهي ھي صرف اقتدار جا بکيا آهن. ھنن سنڌ جون زمينون، ڪارونجهر ٻيٽ، پاڻي ۽ وسيلا وڪڻي ڇڏيا، ميرٽ جي لتاڙ ڪئي.سنڌ کي تباھ ۽ برباد ڪري ڇڏيو آهي. اياز لطيف پليجي چيو تہ پيپلزپارٽي پنهنجي گذريل پندرهن سالن جي اقتداري دور دوران سنڌ کي تباهي، ڪرپشن، ميرٽ جي لتاڙ کان سواءِ ڪجھ ناهي ڏنو .پيپلز پارٽي سدائين سنڌي ماڻهن کان ووٽ وٺي پوءِ انهن جي پٺي ۾ خنجر ھڻيندي آهي، سنڌ جي وسيلن کي تين وال ڪندي آهي زرداري مافيا ۽ پيپلزپارٽي نٿي چاهي تہ سنڌ جا ماڻهو ترقي ڪن ۽ خوشحال واري زندگي گذارين.اياز لطيف پليجي چيو تہ ٻھراڙيون سئي گيس ۽ پيئڻ جي صاف پاڻي جي سھولت کان محروم آھن. لکين ماڻھو ھيپاٽائيٽس جو شڪار آھن. نياڻين جي اعلي تعليم جا دروازا بند آھن. صحت جون بنيادي سھولتون ناھن. شھر ڪچري جو ڍير بنيل آھن. اياز لطيف پليجي چيو تہ سنڌ مان تيل ۽ گئس نڪري ٿو جيڪو سڄو ملڪ استعمال ڪري ٿو پر قدرتي وسيلن وارن ضلعن جون ٻھراڙيون گئس جي بنيادي سھولت کان محروم آھن. اياز لطيف پليجي چيو تہ سنڌ جي اڪثر ضلعن ۾ زمين جو پاڻي زھريلو ٿي ويو آھي. پيئڻ جو صاف پاڻي نہ ھجڻ ڪري لکين ماڻھو سنکيو مليل زھريلو پاڻي پيئڻ تي مجبور آھن، جنھنڪري ھيپاٽائيٽس ۽ ٻيون بيماريون پکڙجي ويون آھن. حڪومت ٻھراڙين ۾ پيئڻ جي صاف پاڻي جي فراهمي جو منصوبو جوڙي. اياز لطيف پليجي چيو تہ سنڌ ۾ تعليمي ادارن جي حالت رحم جوڳي آھي. شھرن جي اسڪولن جي ڀيٽ ۾ ٻھراڙيون تعليم ۾ پٺٽي پيل آھن. سنڌ جي ترقي لاءِ تعليمي نظام کي بھتر بنايو وڃي. ٻھراڙي جي اسڪولن ۾ فرنيچر جي کوٽ ختم ڪري سھولتون ڏنيون وڃن. خاص طور نياڻين جي تعليم کي بھتر ڪيو وڃي. تعليم سان ئي سنڌ ترقي ڪري سگھي ٿي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
یورپ میں ریکارڈ توڑ گرمی، اموات کی تعداد 1500 تک پہنچ گئی
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایران جوہری ہتھیار نہ رکھنے پر راضی ہے: صدر ٹرمپ
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایرانی اور فرانسیسی وزرائے خارجہ کے درمیان رابطہ، مفاہمتی یادداشت پر تبادلہ خیال
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایران اور امریکہ کے درمیان آئندہ دنوں میں کسی ملاقات کا شیڈول طے نہیں: ایرانی وزارت خارجہ
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: شاهه لطيف ٽائون ۾ پوليس مقابلو، هڪ مبينا ڏوهاري مارجي ويو، ساٿي فرار
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: شاهه لطيف ٽائون ۾ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ نوجوان قتل
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
گڏاپ جي 42 ڳوٺن لاءِ منظور ٿيل بلڪ واٽر سپلاءِ اسڪيم مان پاڻي چوري، علائقي واسين جو سخت احتجاج
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
سجاول پوليس پاران ربڏنو جت جي قتل ۾ ملوث 2 جوابدار گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
حيدرآباد
قومي عوامي تحريڪ
اياز لطيف پليجي
0 تبصرے