غوثپور ويجهو موٽرسائيڪل سلپ ٿيڻ بعد ٽرڪ چڙهڻ سبب هڪ ڄڻو فوت، ٻيو زخمي

غوثپور ويجهو موٽرسائيڪل سلپ ٿيڻ بعد ٽرڪ چڙهڻ سبب هڪ ڄڻو فوت، ٻيو زخمي

غوثپور ويجهو موٽرسائيڪل سلپ ٿيڻ بعد ٽرڪ چڙهڻ سبب هڪ ڄڻو فوت، ٻيو زخمي

غوثپور شھر جي بس اڏي ڀرسان مين انڊس هاءِ وي تي ٽرڪ جي ٽڪر ۾ چيڀاٽجي زخمي ٿيل ٻن ڄڻن مان ڪنڌڪوٽ واسي حمل گولاٽو سکر اسپتال۾ علاج دوران زخمن جي سٽ نه سهندي دم ڌڻي حوالي ڪري ڇڏيو آھي لاش گھر پھچڻ تي ڪھرام مچي ويو آھي واضع رھي اڄ صبح سوير سان ڪرمپور کان ڪنڌڪوٽ پنھنجي ڳوٺ طرف ويندڙ موٽر سائيڪل تي سوار يعقوب ابڙو ۽ حمل گولاٽو جو اوچتو چين ۾ ڪپڙو ڦاسڻ سبب موٽر سائيڪل تان روڊ تي ڪري پيا ھئا جنھن دوران پويا ايندڙ ٽرڪ جي ٽڪر م چيڀاٽجي مرڻينگ ٿي پيا جن کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾سکر اسپتال منتقل ڪيو ويو ھو جٿي علاج دوران زخمي حمل گولاٽو پاران زخمن جي سٽ نه سهندي دم ڌڻي حوالي ڪري ڇڏيو آھي جنھن جو لاش گھر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو آھي ٻئي طرف رابطو ڪرڻ تي پوليس پاران ٻڌايو ويو آهي ته واقعي واري هنڌان ٽرڪ فرار ٿي ويو آهي جڏهن ته پوليس پاران ٽرڪ پنھنجي تحويل ۾ وٺي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي