مانجھند: حبيب الله موڙ وٽ ھٿياربندن جي فائرنگ ۾ ضلعي ڪائونسل جو ميمبر قتل

مانجھند: حبيب الله موڙ وٽ ھٿياربندن جي فائرنگ ۾ ضلعي ڪائونسل جو ميمبر قتل

مانجھند: حبيب الله موڙ وٽ ھٿياربندن جي فائرنگ ۾ ضلعي ڪائونسل جو ميمبر قتل

مانجهند ۾ حبيب الله موڙ اسٽاپ تي سيلون جي دڪان تي ويٺل ضلعي ڪائونسل ميمبر عباس کوسو کي ھٿياربندن گوليون ھڻي قتل ڪري ڇڏيو علائقي ۾ خوف واري صورتحال، ان موقعي تي قتل ٿيل نوجوان عباس کوسو جي چاچي يتيم کوسو ٻڌائيندي چيو ته لاکڙا ڪول مائنز ۾ زمين جي مالڪي تان تڪرار به ھلندڙ ھيو جنھن تي ڪجھ ڏينھن پھرين سندن ڳوٺ تي مخالف ڌر پاران فائرنگ پڻ ٿي، علائقي جي معززن کي ھلندڙ تڪرار بابت آگاھي پڻ ڏڻي ھئي جڏھن ته تڪرار بابت ڪول مائنز پوليس کي آگاھي پڻ ڏني ھئي جنھن ڪري اڄ صبح جو سندس ڀائٽي پيپلز پارٽي جي ضلعي ڪائونسل جي اميدوار عباس کوسو کي گوليون ھڻي قتل ڪيو ويو آھي قتل ٿيل نوجوان چاچي جو چوڻ ھيو ته عباس کوسو پيپلزپارٽي جو سرگرم ڪارڪن پڻ ھيو سندس پاران علائقي جي مسئلن جي حل لاء آواز ڀرپور آواز اٿاريو قتل ٿيل نوجوان جي وارثن ڊي آء جي حيدرآباد ۽ ايس ايس پي ڄامشورو کان مطالبو ڪيو ته سندن ڀائٽي جي قاتلن کي گرفتار ڪيو وڃي،