نوشھروفيروز ۾ ھفتو اڳ قتل ٿيل ضياءَ الدين ميمڻ جي وارثن جو احتجاجي مظاھرو

نوشھروفيروز ۾ ھفتو اڳ قتل ٿيل ضياءَ الدين ميمڻ جي وارثن جو احتجاجي مظاھرو

نوشھروفيروز ۾ ھفتو اڳ قتل ٿيل ضياءَ الدين ميمڻ جي وارثن جو احتجاجي مظاھرو

نوشهروفيروز (ڊ ر) درٻيلو ويجهو ڳوٺ محمد علي ميمڻ جي رهواسي ميمڻ برادري جي ماڻهن پاران هفتو اڳ قتل ٿيل ضياءُ الدين ميمڻ جي قاتلن جي گرفتاريء لاء پريس ڪلب نوشهروفيروز اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ۽ نعري بازي ڪئي ان موقعي تي مظاهرين جي اڳواڻي ڪندڙن عبدالغفار ميمڻ , شاجهان ميمڻ , شهريار ميمڻ , دانش ميمڻ ۽ ٻين چيو ته هڪ هفتو اسان جي نوجوان ضياءُ الدين ميمڻ کي جوابدار سيپڪو ملازم اصغر گوپانگ ۽ غلام رسول ساند پلاس هڻي قتل ڪري ڇڏيو جنهن واقعي جو ڪيس داخل هجڻ جي باوجود به جوابدارن کي پوليس گرفتار ڪرڻ لاء تيار ناهي هنن چيو ته اسان جي نوجوان کي بجلي جي بل واري معامري تي گهر کان سڏ ڪرائي پلاس جا وار ڪري قتل ڪيو ويو ڊاڪٽر ۽ پوليس جوابدارن کي فائدو ڏئي رهيا آهن جيڪا اسان جي نوجوان جي خون سان زيادتي آهي هنن مطالبو ڪيو ته جوابدارن کي گرفتار ڪري بيگناه ڪيل خون سان انصاف ڪيو وڃي