ف ليگ جي مرڪزي نائب صدر پير عبدالخالق قادري پ پ اميدوار جي حمايت ڪري ڇڏي

ف ليگ جي مرڪزي نائب صدر پير عبدالخالق قادري پ پ اميدوار جي حمايت ڪري ڇڏي

ف ليگ جي مرڪزي نائب صدر پير عبدالخالق قادري پ پ اميدوار جي حمايت ڪري ڇڏي

ڏھرڪي (رپورٽر) فنڪشنل ليگ جي مرڪزي نائب صدر پير عبدالخالق قادري پي ايس 19 تي پيپلز پارٽي اميدوار باري پتافي جي حمايت جو اعلان ڪري ڇڏيو، باري پتافي سامھون بيٺل ف ليگ جي ضلعي صدر ميان مجن ھٿ کڻي ويو، پير عبدالخالق قادري طرفان باري پتافي جي حمايت ڪرڻ بعد پير پاگارو بہ حمايت ڪرڻ جا امڪان، خبر موجب ڏھرڪي جي تڪ پي ايس 19 تي چونڊن جي حوالي سان سرگرميون وڌيڪ تيز ٿي ويون آھن، اڳوڻي صوبائي وزير پي ايس 19 تي پيپلز پارٽي اميدوار باري پتافي جي علي گوھر خان مھر ۽ خالد لنڊ طرفان مخالفت ڪرڻ بعد ڀرچونڊي شريف جي گادي نشين ۽ ف ليگ جي مرڪزي نائب صدر پير عبدالخالق قادري وٽ پھچي ويو، اڳوڻي صوبائي وزير باري پتافي جي پير عبدالخالق قادري ۽ سندس پٽ پي ايس 19 جو اميدوار ميان مجن سان ملاقات ڪئي، جنھن بعد پير عبدالخالق قادري پريس ڪانفرنس ڪندي پي ايس 19 تي پيپلز پارٽي اميدوار باري پتافي جي حمايت جو اعلان ڪري ڇڏيو، پير عبدالخالق چيو تہ پي ايس 19 تي پي پي اميدوار باري پتافي جي حمايت ڪيون ٿا جڏھن تہ اين اي 198 تي خالد لنڊ جي حمايت ڪئي آھي، ٻي طرف اڳوڻي صوبائي وزير باري پتافي سامھون بيٺل اميدوار پير عبدالخالق قادري جو پٽ ف ليگ جو ضلعي صدر ميان مجن پڻ ھٿ کڻي ويو آھي، ڀرچونڊي پير ميان عبدالخالق قادري جي حمايت بعد باري پتافي کي ڪجھ ساھ پئجي ويو آھي، ڇاڪاڻ تہ باري پتافي جي اڳ ۾ ئي خالد لنڊ ۽ علي گوھر سخت مخالفت ڪري رھيا آھن، ياد رھي تہ ڀرچونڊي شريف جا پير ۽ پتافي خاندان سدائين ھڪٻئي سامھون چونڊ وڙھي آھي، 2013ع واري چونڊن ۾ باري پتافي جي والد مرحوم احمد علي پتافي ۽ پير عبدالخالق قادري ۾ مقابلو ٿيو ھو ۽ احمد علي پتافي ڪاميابي حاصل ڪئي، جڏھن مرحوم احمد علي پتافي جي لاڏاڻي بعد 2018ع ۾ ٿيندڙ ضمني چونڊ ۾ باري پتافي ۽ ميان مجن ۾ مقابلو ٿيو جنھن ۾ باري پتافي ڪاميابي حاصل ڪئي ھئي، پھريون ڀيرو ڀرچونڊي شريف جي گادي نشين ۽ پتافي خاندان ۾ اتحاد ٿيو آھي، ھوڏانھن ف ليگ جي مرڪزي صدر ۽ گادي نشين پير عبدالخالق قادري جي حمايت بعد حر جماعت جي پيشوا پير پاڳارو بہ پي ايس 19 تي باري پتافي جي حمايت ڪرڻ جا امڪان آھن، باري پتافي کي امڪاني جي ڊي اي جي حمايت ملڻ سان پوزيشن مضبوط ٿيڻ جا امڪان آھن.