مورو ۾ سابقي برادري جو عورتن ۽ ٻارڙن سميت زمين تي مبينا قبضي خلاف احتجاج

مورو ۾ سابقي برادري جو عورتن ۽ ٻارڙن سميت زمين تي مبينا قبضي خلاف احتجاج

مورو ۾ سابقي برادري جو عورتن ۽ ٻارڙن سميت زمين تي مبينا قبضي خلاف احتجاج

مورو (رپورٽر) مورو ڀرسان ديھہ دنبير زرعي زمين تي زبردستي قبضي ڪرڻ خلاف سابقي برادري جي مردن عورتن معصوم ٻارڙن جو پريس ڪلب مورو م احتجاجي مظاھرو تعلقو مورو جي ڳوٺ غلام حسين سابقي جا رهواسين لياقت علي سابقي، محمد اڪرم سابقي الھندو سابقی اڪرم سابقي مسمات اربيلا خاتون ناز پري مسمات ڌاڻو پنهنجي ٻچڙن سان گڏ مورو پريس ڪلب آڏو احتجاج ڪندي چيو ته فھد خان جتوئي اسان جي 24 ايڪڙ زمين تي قبضو ڪيو آهی ۽ ان جو ساٿ ڏيندڙ ديھ دنبير جو تپيدار غلام مرتضيٰ ڪورائی مبينا فراڊ ڪري اسان جي زمين جا ڪوڙا ڪاغذ ٺاهي 24 ايڪڙ زمين فھد جتوئي جي نالي ڪري اسان سان ظلم ڪيو آهي فھد جتوئي جا جو ڪمدار سڏائیندڑ بشیر کوسو لالو بروھی اسان کی اسان جی ٻچن کي موتمار ڌمڪيون ڏين ٿا ڏوهاري قسم جا ماڻهو وٺي اسان جي زرعي زمين تي قبضو ڪري ويٺو آھي ۽ ھاڻي فھد جتوئي انھن جي ماڻھن کان اسان کي جاني نقصان پهچائڻ جو به خطرو آهي ھنن چيف جسٽس ھاء ڪورٽ سيشن جج نوشھرو فيروز محترم آصف علي زرداري بلاول ڀٽو زرداري ادي فريال ثالپر پي ايس 35 جي اميدوار ضياہ الحسن لنجار ان سان گڏوگڏ وس وارن کي اپيل ٿا ڪيون ته اسان جي زمين مان فھد جتوئي جو غير قانوني قبضو ختم ڪرائي اسان کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي