مولانا جان محمد عباسي جو فرزند اڳوڻو يوسي ناظم بدرالدين عباسي وفات ڪري ويو

مولانا جان محمد عباسي جو فرزند اڳوڻو يوسي ناظم بدرالدين عباسي وفات ڪري ويو

مولانا جان محمد عباسي جو فرزند اڳوڻو يوسي ناظم بدرالدين عباسي وفات ڪري ويو

لاڙڪاڻو(رپورٽر) جماعت اسلامي سنڌ جي اڳوڻي امير مولانا جان محمد عباسي جو پٽ اڳوڻو يوسي ناظم ۽ سماجي شخصيت بدرالدين عباسي ڪجھ عرصو بيمار رھڻ بعد 73 ورھين جي ڄمار ۾ وفات ڪري ويو. مرحوم لاڙڪاڻي جي اڳوڻي ميئر قربان علي ۽ سنڌ ھاء ڪورٽ جي جج جسٽس شمس الدين عباسي جو ڀاء ھو. جنازي نماز باقراڻي روڊ جنازہ گاھ مسجد ۾ ادا ڪئي وئي جڏھن تہ تدفين اباڻي ڳوٺ جي قبرستان ۾ ٿي. جنھن ۾ سياسي سماجي ديني اڳواڻن توڙي جماعت اسلامي جي ڪارڪن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.تڏو اوطاق عباسي محلہ باقراڻي روڊ تي وڇايو ويو آھي. ھوڏانھن تعزيت جو سلسلو پڻ جاري آھي. جنھن ۾ جماعت اسلامي جو مرڪزي نائب امير مولانا اسدالله ڀٽو، پي ٽي آئي سنڌ جي اڳوڻي صدر سردار امير بخش ڀٽو، جي ڊي اڳواڻ معظم علي عباسي، جماعت اسلامي سنڌ جي جنرل سيڪريٽري ڪاشف سعيد شيخ، مولانا محمد دين منصوري، مجاھد چنا، ھاء ڪورٽ بار جي اڳوڻي صدر عاشق ڌامراھ ۽ ٻين سياسي سماجي اڳواڻن ججن بيوروڪريٽ صحافين تڏي تي پھچي وارثن سان تعزيت مرحوم جي مغفرت درجات بلندي ۽ پونئيرن لاءِ صبرجميل جي دعا ڪئي. جڏھن تہ جماعت اسلامي جي مرڪزي اڳواڻن سراج الحق، لياقت بلوچ محمد حسين محنتي پڻ قربان علي عباسي کي ٽيليفون ڪري ڀاء جي وفات تي تعزيت ڪئي.#