ڏوڪري ۾ پي ايس 13 تي پ پ اميدوار عادل الطاف انڙ ۽ عدنان الطاف انڙ پاران پاور شو

ڏوڪري ۾ پي ايس 13 تي پ پ اميدوار عادل الطاف انڙ ۽ عدنان الطاف انڙ پاران پاور شو

ڏوڪري ۾ پي ايس 13 تي پ پ اميدوار عادل الطاف انڙ ۽ عدنان الطاف انڙ پاران پاور شو

ڏوڪري(اظهر ميمڻ) ڏوڪري ۾ پاڪستان پيپلزپارٽي پي ايس 13 جي اميدوار عادل الطاف حسین انڙ، عدنان الطاف حسین انڙ پارو شو، شاندار جلسو، گلن جي ورکا، سوين ڪارڪنن ۽ همدردن جي شرڪت، پاڪستان پيپلزپارٽي جي پي ايس 13 ۽ اين اي 195 جي اميدوار کي ڪامياب ڪرائڻ لاءِ جيسر شادي هال ۾ شاندار جلسو ڪوٺايو ويو، جلسي ۾ پي ايس 13 جي اميدوار عادل الطاف حسين انڙ، عدنان الطاف حسین انڙ، سردار ۽ پ پ اڳواڻ منظور خان جوڻيجو، پ پ سٽي صدر قاضي جميل احمد جوڻيجو، باڊھ ٽائون چيئرمين بدرالدين ساريو، عاشق حسين ميمڻ، پ پ اڳواڻ فدا حسين ابڙو، سيد حامد شاھ، پيپلزپارٽي تعلقي اڳواڻ نياز حسين سوهو، پ پ اڳواڻ لياقت علي سومرو، شهمير علي ميراڻي، منظور کوکر، غلام ﷲ ڏيرو، علي اصغر ميمڻ، سڪندر چنو، جاويد تنيو، شڪيل مينگل، بشير سولنگي، حافظ رجب سولنگي، ذوالفقار جتوئي، زوار عبدالحميد کوکر، علي ڏنو جوڻيجو، فقير محمد سومرو، نثار جتوئي، جنيد فدا حسين ابڙو، عبيد ﷲ جوڻيجو، ذوالفقار جوڻيجو، فيصل رضا ابڙو، ۽ ٻين شرڪت ڪئي. ان موقعي تي پيپلزپارٽي اڳواڻ پي ايس 13 اميدوار عادل الطاف حسين انڙ، عدنان الطاف حسین انڙ، بدرالدين ساريو، قاضي جميل احمد جوڻيجو، عبدالحميد جيسر، فدا حسين ابڙو، لياقت علي سومرو، علي اصغر ميمڻ ۽ جلسي کي خطاب ڪندي چيو ته سنڌ سميت پوري ملڪ ۾ ايندڙ اليڪشن ۾ پاڪستان پيپلزپارٽي جا اميدوار ڪامياب ٿي مخالفن کي عبرتناڪ شڪست ڏيندا. هنن چيو ته لاڙڪاڻو ضلعو پاڪستان پيپلزپارٽي جو قلعو آهي، انڙ خاندان پهرين به عوام جي خدمت ڪندا آهن هاڻي به اليڪشن ۾ ايم پي اي ٿيڻ کان بعد عوام جي ڀرپور خدمت ڪندا. هنن چيو ته پي ايس 13 تي عادل الطاف حسین انڙ ۽ اين اي 195 تي نظير احمد خان ٻگهيو ڪامياب ٿي چڪا آهن بس سرڪاري نتيجا 8 فيبروري تي نڪرندا. هنن پي ايس 13 ۽ اين اي 195 جي عوام کي اپيل ڪئي ته 8 فيبروري تي وڌ کان وڌ گهرن مان ٻاهر نڪري اچي پولنگ اسٽيشن تي تير تي ٺپو هڻي وڏي اڪثريت سان ايم پي اي عادل الطاف حسین انڙ ۽ ايم اين اي نظير احمد خان ٻگهيو کي ڪامياب ڪيو اها ڪاميابي ڏوڪري باقراڻي تعلقن جي عوام جي ڪامياب آهي.