پ پ اميدوار ضياءَ الحسن لنجار مورو ۾ جويو ھائوس پھتو، مشتاق جويو ۽ ٻين سان ملاقات

پ پ اميدوار ضياءَ الحسن لنجار مورو ۾ جويو ھائوس پھتو، مشتاق جويو ۽ ٻين سان ملاقات

پ پ اميدوار ضياءَ الحسن لنجار مورو ۾ جويو ھائوس پھتو، مشتاق جويو ۽ ٻين سان ملاقات

مورو (جاني جماڻي) پاڪستان پيپلز پارٽي شهيد بينظير آباد جو ڊويزنل صدر، سابق صوبائي وزير قانون، ساهتي سرواڻ ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي جو، پي ايس 35 مورو تي نامزد ڪيل اميدوار محترم ضياء الحسن لنجار، جويو هائوس مورو پهتو، جتي جويا برادري جي معزز شخصيتن مشتاق احمد جويو، وڏيرو نور محمد جويو، آفتاب احمد جويو، اويس احمد جويو، خير محمد جويو، امام دين جويو جن جتوئي گروپ سان پنهنجا 60 سالا قديم لاڳاپا ختم ڪري ساهتي سرواڻ ضياء الحسن لنجار مٿان مڪمل اعتماد جو اظهار ڪندي پنهنجي ساٿين ۽ برادري سميت پاڪستان پيپلز پارٽي ۾ شموليت جو اعلان ڪري ڇڏيو ۽ چيو ته 8 فيبروري تي پنهنجي برادري ۽ ساٿين سميت ساهتي سرواڻ ضياء الحسن لنجار کي رڪارڊ ووٽ ڏياري ڪامياب ڪرائنداسين، هنن وڌيڪ چيو ته ساهتي سرواڻ جي ذاتي ڪوششن سببب مورو اندر توڙي سموري ضلعي ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي جي حڪومتي دورن ۾ ئي وڌ کان وڌ عوام جا ڪم ٿيا آهن، اهو سندس جو حق بڻجي ٿو ته تڪ پي ايس 35 جو عوام کيس تاريخي ووٽ ڏياري ڪامياب ڪري ته جيئن مورو سميت ساهتي پرڳڻي جي عوام جا رهيل ڪم به ٿي وڃن. ان موقعي تي ساهتي سرواڻ ضياء الحسن لنجار جويا برادري جي معزز شخصيتن کي پاڪستان پيپلز پارٽي ۾ شامل ٿيڻ تي ڀليڪار ڪيو ۽ سندن جا ٿورا پڻ مڃيا ۽ چيو ته اسان اڳ به عوام جي خدمت ڪئي آهي ۽ اڳتي به ڪندا رهنداسين، اسان جي وڌ کان وڌ اها ئي ڪوشش آهي ته ڪامياب ٿي مورو سميت پوري نوشهروفيروز ضلعي ۾ عوام جا رڪارڊ مسئلا حل ڪريون. ان موقعي تي پارٽي جا اڳواڻ ۽ ڪارڪن پڻ ساڻس گڏ هئا.