ڏھرڪي ۾ عورت جو گھر مان ھٿ پير ٻڌل، نڪ ۽ ڳلو ڪپيل لاش ھٿ

ڏھرڪي ۾ عورت جو گھر مان ھٿ پير ٻڌل، نڪ ۽ ڳلو ڪپيل لاش ھٿ

ڏھرڪي ۾ عورت جو گھر مان ھٿ پير ٻڌل، نڪ ۽ ڳلو ڪپيل لاش ھٿ

ڏھرڪي(عمران علي ملڪ) ڏھرڪي جي راجا ڪالوني ۾ شادي شدہ عورت نظيران زال وزير احمد شيخ جو گهر مان نڪ ۽ ڳلو ڪٽي بيدري سان قتل ڪري رسن سان ٻڌل حالت لاش هٿ آيو آهي جنهن بعد اھڙي اطلاع تي ڏھرڪي پوليس واقعي واري ھنڌ پھچي مقتولا جو لاش ھٿ ڪري ڏھرڪي اسپتال مان ضروري ڪاروائي بعد سندس مڙس حوالي ڪري ڇڏيو آھي ان سلسلي ۾ مقتولا عورت جي مڙس وزير احمد شيخ جو چوڻ آھي ته مان گھر کي ٻاھران تالو ھڻي نڪري ويس واپسي تي زال جو لاش مليو جيڪو رسن سان ٻڌل حالت ۾ پيل ھو ھن چيو ته منھنجي گھرواري جو نڪ ۽ ڳلو تيز اوزار سان ڪٽيو ويو آھي. جيڪو ڏھرڪي پوليس کي ھٿ آيو آھي جنهن بعد ڏھرڪي پوليس مقتولا عورت جي مڙس پاران متضاد بيان ڏيڻ تي کيس پنھنجي تحويل ۾ وٺي کيس جاچ ڪئي ته گرفتار جوبدار پاران پنهنجي گهر واري کي قتل ڪرڻ جو اعتراف ڪيو ان سلسلي ۾ ايس ايڇ او ڏهرڪي ذوالفقار علي ڀنڀري ٻڌايو ته بيدردي سان قتل ڪيل عورت جي مڙس پاران جاچ دوران متضاد بيان ڏيڻ تي کيس سختي سان جاچ ڪرڻ بعد هن پنهنجي گهر واري کي قتل ڪرڻ جو اعتراف ڪيو آهي جنهن بعد کيس سرڪار پاران فرياد تي مٿس قتل جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي