ڪراچي جي پي ايس 98 تي پ پ جي اميدوار حاڪم علي جسڪاڻي جي چونڊ ورڪ جاري

ڪراچي جي پي ايس 98 تي پ پ جي اميدوار حاڪم علي جسڪاڻي جي چونڊ ورڪ جاري

ڪراچي جي پي ايس 98 تي پ پ جي اميدوار حاڪم علي جسڪاڻي جي چونڊ ورڪ جاري

ڪراچي (نبي بخش خاصخيلي) ڪراچي جي تڪ پي ايس 98 تي پاڪستان پيپلزپارٽيء جي نامزد اميدوار حاڪم علي جسڪاڻيء ورڪ مھم تيز ڪري ڇڏي۔ مختلف ڳوٺن ۽ علائقن ۾ عوام سان ملاقاتون ۽ تعزيتون۔ عوام پاران پ پ اميدوار کي مڪمل سپورٽ ڪرڻ جو اعلان۔پ پ عوامي پارٽي آهي عوام پاران ڏنل محبت ڪڏهن به نه وسارينداسين:حاڪم علي جسڪاڻي۔ تفصيل موجب پي ايس 98 تڪ جو صوبائي اميدوار حاڪم علي جسڪاڻي۔ ڪامريڊ صاحب خان جسڪاڻي۔ تاج محمد وساڻ۔ حنيف سومرو۔ مٺل چانڊيو۔ يعقوب سولنگي۔ غلام سرور ڀٽو۔ نصرت ڏيپر۔ شبانا عباسي ۽ ٻين سان گڏجي قافلي جي صورت ۾ مختلف علائقن ۽ ڳوٺن ۾ گهر گهر وڃي عوام سان ملاقاتون ڪيون جڏهن ته شاھنواز شر ڳوٺ پھچي حاجي محمد رمضان گوپانگ جي رھائشگاھ تي وھچي سندس ڀائٽي جي فوتگيء تي تعزيت ڪئي جڏهن ته سيتاننگر جي بلاڪ ڊي ۾ حاجي نظر ميمڻ جي گهر واري ۽ توفيق احمد ميمڻ جي امڙ جي وفات تي ۽ وائيٽ ھائوس ۾ سيد غلام رسول شاهه سان سندس امڙ جي لاڏاڻي تي تعزيت پڻ ڪئي۔ ٻئي پاسي احمد خان ڳوٺ جي ڪرسچن پاڙي ۾ جنرل ڪائونسلر پرويز احمد راڄپر۔ اقليتي ڪائونسلر عرفان سوترا جي اڳواڻي ۾ عوامي ميڙاڪو ڪوٺايو ويو۔ جنهن ۾ اڳواڻن ۽ پ پ جيالن سميت علائقي جي معززين پي ايس 98 جي نامزد اميدوار حاڪم علي جسڪاڻيء ۽ اين اي 235 جي قومي اسيمبليء جي اميدوار آصف خان سميت آيل مھمانن کي سنڌ جي سوکڙي اجرڪ جا تحفا ۽ گلن جا ھار پارائي شاندار استقبال ڪيو۔ ان موقعي تي علائقي واسين پاران ڳوٺ جون گھٽيون پڪيون ڪرائڻ جي اميدوارن کي نشاندهي ڪرائي وئي۔ عوامي ميڙاڪي کي خطاب ڪندي اين اي 235 جي اميدوار آصف خان چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽيء جو منشور ئي عوام کي روزگار ڏيڻ آهي ۽ شھرن کي صاف رکڻ آهي اوھان اسان جو ساٿ ڏيو اليڪشن ۾ مخالفن کي اڪثريت سان شڪست ڏينداسين ۽ باقي رھيل ڪم به ڪرائينداسين۔ جڏهن ته پي ايس 98 تڪ جي صوبائي اميدوار حاڪم علي جسڪاڻيء چيو ته ھيء تڪ ڪڏهن به پاڪستان پيپلزپارٽيء وٽ ناهي رھيو ۽ عوام به مختلف پارٽين جي اميدوارن کي آزمائي چڪي آهي پر ھن ڀيري صورتحال گھڻي تبديل آهي اوھان پيپلزپارٽيء جي اميدوارن کي ووٽ ڏيو ۽ پوء پنهنجا علائقا ڏسجو۔ اڳ ۾ ووٽ وٺي ويندڙ مخالف پارٽين جا اميدوار ووٽ وٺي وري گم ٿي ويندا ھيا پر اسان ته اوھان جي علائقي جا اميدوار ۽ ھتي جا رھواسي آھيون۔ اوھان 8 فيبروريء تي صرف ھڪڙو ڏينهن اسان لاء ڪڍو ۽ پوء اسان پنج سال اوھان جي علائقن جي خدمت ڪنداسين۔ ان موقعي تي سيد علي اڪبر شاھ ڪاظمي۔ پروين ڪانڌڙو۔ نصرت ڏيپر۔ رضيا ڪامران۔ سڪينا ڪلر۔ علي ڏنو ٽانوري۔ جنيد شر۔ اياز ناريجو۔ اوشاق سومرو۔ بادل راڄپر۔ محبوب مسيح ۔ چوڌري شرافت ۽ ٻين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي۔