وڳڻ: پي ايس 17 جي جي ڊي اي اميدوار پاران صحافي ڀائرن عمران، فرحان ۽ ڪامران تنيو سان تعزيت

وڳڻ: پي ايس 17 جي جي ڊي اي اميدوار پاران صحافي ڀائرن عمران، فرحان ۽ ڪامران تنيو سان تعزيت

وڳڻ: پي ايس 17 جي جي ڊي اي اميدوار پاران صحافي ڀائرن عمران، فرحان ۽ ڪامران تنيو سان تعزيت

وڳڻ (رپورٽر) پي ايس 17 تي جي ڊي اي جي نوجوان اميدوار جاويد کوکر چيو آهي ته 8 فيبروري تي عوام متبادل قيادت کي ڪامياب ڪري نئين تاريخ لکندو. وڳڻ ويجهو ڳوٺ ٿرڙي هاشم ۾ صحافي ڀائرن عمران تنيو، فرحان تنيو ۽ ڪامران تنيو سان چاچي جي لاڏاڻي تي عذر خواهي ڪرڻ بعد ڳالهائيندي جاويد کوکر چيو ته دنيا هاڻي تبديل ٿي چڪي آهي تنهنڪري سنڌ جو عوام به شعور جو ڀرپور مظاهرو ڪري رهيو آهي. هن چيو ته 8 فيبروري تي پولنگ جو ڏهاڙو هڪ نئين اميد جو سبب بڻجي ايندو، جنهن بعد 15 ورهين تي ٻڌل هڪ عوام دشمن دور جي پڄاڻي ٿي ويندي. سندس چوڻ هو ته روايتي وڏيرا ۽ سردار ڪڏهن به سنڌ جي عوام جي ترقي نه چاهيندا تنهنڪري هن ڀيري عوام به کين ناڪام ڪندو. پي ايس 17 تي جي ڊي اي جي اميدوار جاويد کوکر وڌيڪ چيو ته هو سنڌ ۽ پي ايس 17 جي عوام جي خدمت جو جذبو کڻي آمريڪا مان سنڌ واپس وريو آهي، تنهنڪري عوام کيس چونڊن ۾ ڪري. ان موقعي تي مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ شخصيتون پڻ موجود هيون.